ڀارتي ميڊيا نريندر مودي جي پاڪستان بابت پاليسي تي ڪاوڙجي پيو ، پاليسيون ڀارت لاءِ خطرو قرار

نئين دهلي (اين اين آءِ) ڀارتي ميڊيا نريندر مودي جي پاڪستان بابت پاليسي تي ڪاوڙجي پيو هندستان ٽائيمز جي ايڊيٽوريل مطابق نريندر مودي جي پاليسي سان صرف زهريلا اثر مرتب ٿيا آهن پرڏيهي صلاحڪار سطح تيڳالهيون رکڻ سان ڀارت جي سڄي دنيا ۾ بدنامي ٿي جنهن کان پوءِ خود ڀارتي اخبارن مودي جي پاڪستاني پاليسيءَ تي تنقيد ٿيڻ لڳي هندستان ٽائيمز ۾ لکيل ايڊٽوريل مطابق ڳالهين جو ايجنڊا ۽ ڪشميري اڳواڻن بابت مودي سرڪار جي پاليسي سان زهر ڀريا اثر جڙيا اخبار مطابق پاڪستان جو حريت اڳواڻن سان ملاقات ڪرڻ يقيني هو هي تصور ئي غلط هو ته پاڪستان صرف پنهنجي مٿان دهشتگردي جا الزام ٻڌڻ لاءِ ڳالهيون ڪندو جيڪڏهن پاڪستان دهشتگرد آهي ته هو اوفا ملاقات ڇو ڪئي ويئي هندستان ٽائيمز مطابق مودي جي پاليسي سان پاڪستان ۾ ڀارت جي مخالفن جو انگ وڌي ويو آهي اخبار مودي کي پاڪستان ۾ ڪنهن به ڪارروائي کان خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ڀارتي جهازن يا ڪمانڊرز جو واپس ورڻ آسان نه هوندو ايڊيوٽوريل مطابق جيڪڏهن ڀارت دهشتگردي جي ڪنهن واقعي تي آمريڪا يا عالمي برادري جو دروازو کڙڪايو ويندو ته اتان جواب ملندو ته آگسٽ ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سطح جون ڳالهيون به ته پاڻ ئي ملتوي ڪيون هيون هندستان ٽائيمز نريندر مودي جي پاليسي کي ڀارت لاءِ خطرو قرار ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *