ڀارتي لوڪ سڀا ۾ والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ بابت بل پيش، اپوزيشن جي مخالفت، مودي سرڪار جي جارحيت خلاف سخت احتجاج ڪيو.

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي لوڪ سڀا ۾ والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ بابت بل پيش ڪيو ويو ته اپوزيشن ميمبرن مخالفت ڪئي ۽ مودي سرڪار جي جارحيت خلاف سخت احتجاج ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب راجيا سڀا کان منظوري بعد گھرو وزير اميت شاهه آئين جي آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 جي خاتمي جو بل اڄ لوڪ سڀا ۾ پيش ڪيو ته اپوزيشن ميمبرن اڳ کان پيش ڪيل تحريڪ التويٰ تي اسپيڪر کان اجلاس جي ايجنڊا ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي. لوڪ سڀا اسپيڪر اپوزيشن ميمبرن جي درخواست کي بلڊوز ڪندي گھرو وزير کي بل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنهن تي اپوزيشن ميمبر پنهنجي سيٽن تان اُٿي بيهي رهيا ۽ بي جي پي عددي اڪثيريت سبب اسيمبلي ۾ غنڊاگردي خلاف سخت احتجاج ڪيو. لوڪ سڀا ۾ ڪانگريس جي اڳواڻ اڌير رانجن چوڌري بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته هاڻوڪي مودي حڪومت آمريڪي ٽياڪڙي جي معاملي تي چيو هو ته اهو پاڪستان ۽ هندستان جو اندروني معاملو آهي ته ڇا هاڻ اهو هڪ اندروني معاملو ناهي رهيو. اولهه بنگال جي وڏي وزير ممتا بينرجي بل کي رد ڪندي چيو ته بل کي تسليم نٿا ڪيون ۽ هر سطح تي تڪراري بل خلاف آواز اٿارينداسين، ايتري اهم ۽ وڏي قانونسازي هڪ طرفي طور تي رڳو عددي اڪثريت جي بنياد تي نٿي ڪري سگھجي، ان معاملي تي سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺڻ گھرجي ها. ٻين اپوزيشن اڳواڻن به مودي سرڪار جي پاليسين تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ڪاري قانون کي عددي طاقت جي بنياد تي منظور ڪرائي آئين جي توهين ڪئي وئي آهي، جنهن جا سنگين نتيجا سامهون ايندا. وقتي ڪاميابي تي خوش بي جي پي کي مستقبل ۾ شرمندگي ۽ پڇتاءَ کان سواءِ ڪجهه نه ملندو. گھرو وزير اميت شاهه اپوزيشن جي گوڙ دوران ڀَڀڪيون هڻندي چيو ته اپوزيشن ڄاڻي ڇڏي ڪشمير ڀارت جو اڻٽٽ انگ آهي ۽ ڪشمير لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، حڪومتي ميمبرن جي ڀڀڪين ۽ اپوزيشن جي گوڙ دوران بل منظور ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *