
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سان سعودي عرب جي پرڏيهي معاملن بابت وزير عادل الجبير ۽ گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد ملاقات ڪئي. والاريل ڪشمير جي صورتحال تي سعودي ۽ اماراتي پرڏيهي وزير وفدن سان گڏ هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتا ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ايئرپورٽ تي سندن آجيان ڪئي. ان کانپوءِ وزيراعظم عمران خان سان سعودي ۽ اماراتي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات وزيراعظم جي آفيس ۾ ٿي، جنهن ۾ ڪشمير مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب عمران خان سان مهمان پرڏيهي وزيرن جي گڏيل ملاقات ٿي، وزيراعظم کين والاريل ڪشمير ۾ بدترين انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتيءَ بابت آگاهه ڪيو ۽ والاريل ڪشمير مان فوري طور ڪرفيو ختم ڪرڻ تي زور ڏنو. پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم والاريل ڪشمير ۾ مواصلاتي بليڪ آئوٽ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي چُرپر ۽ مواصلات تان پابنديون فوري طور ختم ڪرڻ تي زور ڀريو. عمران خان جو چوڻ هو ته ڀارتي قدم خطي ۾ امن ۽ سيڪيورٽي لاءِ سنگين خطرو آهن، عالمي برادري جي ذميواري آهي ته ڀارت کي غير قانوني قدمن کان روڪي ۽ انهن جي واپسي تي زور ڀري، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جو ان سلسلي ۾ اهم ڪردار آهي، ڀارت طرفان عالمي ڌيان هٽائڻ لاءِ جعلي فليگ شب آپريشن جو خدشو آهي. پڌرائي موجب سعودي ۽ اماراتي پرڏيهي وزيرن جو موقف هو ته پنهنجي حڪومتي قيادت جي هدايت تي پاڪستان جي دوري تي آياسين. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان جي سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن سان لاڳاپن جي اهميت، علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو. هنن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان چئلينجن کي منهن ڏيڻ، ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ امن توڙي سلامتي جي ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ رابطي ۾ رهنداسين.