ڀارتي فورسز جي ورڪنگ بائونڊري تي ٻيهر فائرنگ, ڀارت امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهي: خواجه آصف

اسلام آباد(بيورو) ڀارتي فورسز ورڪنگ بائونڊري تي ٻيهر بنا سبب فائرنگ ڪئي آهي، شڪر ڳڙهه سيڪٽر ۾ فائرنگ جو سلسلو ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهيو گذريل ڏينهن به ان ئي سيڪٽر ۾ فائرنگ سبب 2 رينجرز اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا، ڀارت جي ڇڪتاڻ بند نه ٿي 2 ريجرز اهلڪارن جي شهادت کانپوءِ به ڀارتي فورسز پاڪستاني علائقن تي گوليون وسائي رهي آهي پنجاب رينجرز جي مطابق شڪر ڳڙهه سيڪٽر ۾ گذريل رات کان صبح تائين فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو، پاڪستاني فورسز جواب ڏنو ته ڀارتي مورچن ۾ خاموشي ڇانئجي وئي، گذريل ڏينهن شهيد ٿيندڙ ٻن رينجرز اهلڪارن جي جنازي نماز ڪالهه رات رينجرز هيڊ ڪوارٽر ونگ شڪر ڳڙهه ۾ ادا ڪئي وئي ڀارتي فورسز جي بنا سبب فائرنگ ۽ جاني نقصان تي پاڪستان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي پاڪستان چيو آهي ته ڀارتي فائرنگ سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي ڀارتي حڪومت ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي. ٻئي طرف دفاع واري وزير خواجه آصف جو چوڻ آه يته ڀارت اسان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهي، هڪ بيان ۾ دفاع واري وزير خواجه آصف فليت ميٽنگ تي ٿيندڙ ڀارتي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، هن جو چوڻ هو ته پوري دنيا ۾ فليگ ميٽنگ تي حملا عالمي قانونن جي ڀڃڙي سمجهيا ويندا آهن، ڀارت مسلسل عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي خواجه آصف جو چوڻ آهي ته اسان جي امن جي ڪوششن ۾ مشڪلاتون پيدا نه ڪيون وڃن، امن جي خواهش کي ڀارت اسان جي ڪمزوري نه سمجهي، اسان ڀارت کي هر قسم جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *