ڀارتي فورسز جي ايل او سي تي بنا سبب فائرنگ، پوليس اهلڪار سوڌو 2 ڄڻا شهيد، 9 زخمي

مظفرآباد (اين اين آءِ) لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي اڳرائي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 پاڪستاني شهري شهيد ۽ 9 زخمي ٿي پيا پاڪ فوج منهن ٽوڙ جواب ڏنو نڪيال جي اسسٽنٽ ڪمشنر سردار ذيشان نثار ٻڌايو ته ڀارتي  فورسز پاران فائر ڪيل مارٽر شيل جي نتيجي ۾ هڪ 30 ورهين جو پوليس ڪانسٽيبل امتياز موقعي تي ئي  شهيد ٿي ويو علائقي واسين موجب تازي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه شهري فوت ٿيا شهرين موجب ڀارتي فورسز مسلسل شهري آبادي کي نشانو بڻائي رهي آهي ڀارتي فورسز پاران پونڇ بٽل مدارپور ۽ دراشيرخان ۾ وڏن هٿيارن جو آزادانو استعمال ڪيو ويو جنهن۾ 6 ڄڻا زخمي 25 گهر ۽ 3 گاڏيون تباهه ٿي ويون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *