سرينگر (م.ڊ) ڀارتي فوج جي نائب سربراهه ليفيننٽ جنرل فليپ ڪيمپوس چين کي ڀارت جي سلامتي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ هلندڙ صدي ڪهڙي به وقت جنگ ٿي سگهي ٿي. ليفيننٽ جنرل فليپ نيويڊا ۾ آرمي انسٽيٽيوٽ جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ڀارت ۽ چين تيزي سان اڀري رهيا آهن، جنهن جو اثر سرحد تي به ڏٺو وڃي ٿو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ سرحدي تڪرار هلندڙ آهي. جنهن سبب چين هندستان جي سلامتي جي لاءِ وڏو خطرو آهي. نائب سربراههچيو ته ڀارت کي ٻين ملڪن کان هٿيار خريد ڪرڻ بدران ميڪ ان انڊيا مهم تحت پنهنجي ملڪ ۾ ئي هٿيارن جي پيداوار تي زور ڏيڻ کپي. ليفٽيننٽ جنرل فليپ ڪيمپوس پنهنجي تقرير ۾ پاڪستان کي به ڀارت جي سلامتي جو وڏو خطرو قرار ڏيندي چيو ته طالبان، داعش ۽ القاعده جهڙيون تنظيمون ڪنهن به وقت انڊيا جي دروازي تي نظر اچي سگهن ٿيون.