ڀارتي فوج جي درندگي، فليگ ميٽنگ سڏائي رينجرز جي جوانن تي فائرنگ. 2 آفيسر شهيد

لاهور(م.ڊ) ڀارتي فوج درندگي جون سموريون حدون اورانگي ڇڏيون ۽ فليگ ميٽنگ جي بهاني پاڪستان رينجرز جي مقامي ڪمانڊرن کي گهرائي انهن مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 2 جوان شهيد ٿي ويا، ڀارت طرفان گذريل ڏينهن مقامي ڪمانڊرن جي فليگ ميٽنگ گهرائي وئي هئي جنهن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان رينجرز جا 2 جوان شڪر ڳڙهه سيڪٽر تي ڀارتي حدن ۾ داخل ٿي رهيا هئا ته ان دوران دشمن فوج انهن تي انڌا ڌند فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي جوان شهيد ٿي ويا، دشمن فوج جي فائيرنگ کانپوءِ پاڪستان رينجرز طرفان ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي وئي جڏهن ته درندگي جو مظاهرو ڪندي ڀارتي فوج زخمي جوانن تائين ايمبولسين جي رسائي به نه ٿيڻ ڏني، ياد رهي ته ڀارتي فوج شڪر ڳڙهه سيڪٽر تي ڪيترن ئي ڏينهن کان ورڪنگ بائونڊري جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي جڏهن ته دشمن فوج طرفان هلندڙ مهيني به ڪيترائي ڀيرا پاڪستاني حدن ۾ بنا سبب فائرنگ ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *