ڀارتي فوج جي ايل او سي تي فائرنگ، 4 شهري شهيد، 6 زخمي

ڪوٽلي (اين اين آءِ) ڀارتي فورسز پاران هڪ ڀيرو ٻيهر نڪيال سيڪٽر تي ڇتي فائرنگ ڪئي جنهن سبب 4 شهري شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا، پنجاب رينجرز ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو، آءِ ايس پي آر مطابق ڀارتي فوج نڪيال سيڪٽر ۽ ورڪنگ بائونڊري جون خلاف ورزيون مسلسل جاري آهن، فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر جارحيت جو مظاهرو ڪندي ورڪنگ بائونڊري تي هرپال، چڪراڙ ۽ شڪر ڳڙهه سيڪٽر ۾ فائرنگ ڪئي جنهن سبب 4 شهري شهيد ٿي ويا آهن ۽ 9 زخمي ٿيا، جن کي طبي امداد لاءِ سي ايم، ايڇ سيالڪوٽ پهچايو ويو، رينجرز پاران ڀارتي فورسز جو ڀرپور جواب ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *