ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ پاڪستان خلاف ٺهندڙ فلمون صفا ناهن وڻنديون: سلمان خان

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي دبنگ سلمان خان چيو آهي ته ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ پاڪستان خلاف ٺهندڙ فلمون کيس بلڪل به پسند ناهن، ڀارتي ميڊيا مطابق سلمان خان هڪ انٽرويو ۾  چيو ته پاڪستان کي گهٽ وڌ چوندڙ فلمون کيس ناهن وڻنديون، ڇو ته جيئن اسان ڀارت جي گلا برداشت ناهيون ڪندا، ائين ئي پاڪستاني به پنهنجي ملڪ جي برائي برداشت ناهن ڪندا. هن چيو ته پهرين ڀارت مان ماڻهو پاڪستان ويندا هئا ته سندن ڀرپور مهمان نوازي ٿيندي هئي، جيڪا سالن تائين ياد رکي ويندي هئي ۽ جڏهن اتان ماڻهو ڀارت ايندا هئا ته پاڻ ۾ رشتا منضبوط ٿيندا هئا، سلمان خان چيو ته جيڪڏهن حڪمرانن کي وڙهڻ جو شوق آهي ته اهي جوانن کي اڳتي نه اماڻين پر پاڻ وڙهندي گولي کائين. واضح رهي ته سلمان خان جي عيد تي رليز ٿيل فلم “ بجرنگي ڀائيجان” جي ڪهاڻي هڪ پاڪستاني ٻارڙيءَ جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪا سرحد پار ڪري ڀارت پهچي ٿي ۽ سلمان خان کيس والدين سان ملائڻ لاءِ پاڪستان اچي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *