ڀارتي سندري پريادرشني چيٽرجي فيمينا مس انڊيا ورلڊ 2016ع چونڊجي وئي

ممبئي (شوبز نيوز)  ڀارتي سندري پريادرشني چيٽرجي فيمينا مس انڊيا ورلڊ 2016ع چونڊجي وئي، ممبئي ۾ ٿيل سونهن مقابلي ۾ پريا کي ڀارت جي سونهن راڻي چونڊيو ويو، جنهن جو اعلان بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ڪيو، تقريب ۾ بالي ووڊ فلم انڊسٽري جون ڪيتريون ئي اهم شخصيتون شامل ٿيون،پريا هاڻ مس ورلڊ 2016ع جي مقابلي ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪندي، فيمينا مس انڊيا ورلڊ مقابلي ۾ ٻئي نمبر تي بنگلور جي سشرٿي ڪرشنا ۽ ٽئين نمبر تي لکنوءَ جي پنکوري گدواڻي آئي، تقريب ۾ سنجي دت، يامي گوتم، ارجن ڪپور، ڪبير خان، ايمي جيڪسن، مس ورلڊ 2015ع ميريا لالاگنا، ثانيا مرزا، ايڪتا ڪپور، منيش ملهوترا، ورن ڌون، شاهد ڪپور، ٽائيگر شيروف، جيڪولين فرنينڊس ۽ ٻيا شامل هئا، شو ۾ سمورين سندرين ريمپ تي واڪ ڪيو، جڏهن ته سنيڌي چوهاڻ پنهنجي آواز سان چار چنڊ لڳايا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *