ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارت جي اڳوڻي آل رائونڊر عرفان پٺاڻ گريگ چيپل کي پنهنجي ڪيريئر جي تباهي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.عرفان گذريل ڏينهن 35 سالن جي عمر ۾ راند جي سمورن فارميٽ مان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو. هاڻ هن ٻيهر دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻي ڀارتي ڪوچ گريگ چيپل جي 2005 کان 2007 واري دور ۾ مان بال جي سوئنگ ڪرڻ جي صلاحيت کي وڃائي ويٺو هئس.مون کي چيو ويو ته تنهنجو ڪم صرف رنسون روڪڻ آهي. سريلنڪا سان هڪ ميچ ۾ ٽيم کي ڪاميابي ڏياري جنهن کان پوءِ ٻئي ميچ ۾ مون کي ڊراپ ڪيو ويو. ڀارت ۾ ماڻهو 27، 28 سالن ۾ پنهنجو ڪيريئر شروع ڪندا آهن ۽ مون ان ئي عمر ۾ پنهنجو آخري ميچ کيڏيو.واضح رهي ته ڀارتي فاسٽ بالر گذريل ڏينهن ٽنهي فارميٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو. هو پنهنجي منفرد انداز جي ڪري ڪرڪيٽ جي شوقينن ۾ تمام گهڻو مشهور آهي.