ڀارتي جيلن ۾ 113 مهاڻن سميت 460 پاڪستاني قيد آهن، جن تي دهشتگردي، جاسوسي ۽ ٻيا الزام مڙهيا ويا آهن: سرتاج عزيز

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري سرتاج عزيز ڀارتي جيلن ۾ قيد پاڪستانين جا تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪندي چيو آهي ته هن وقت 460 پاڪستاني هندوستاني جيلن ۾ قيد  آهن، صحت واري مملڪتي وزير به ڊينگي سبب ٿيل فوتين جا تفصيل پيش ڪيا. سينيٽ جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين عبدالغفور حيدري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. وزير اعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز پاران لکت ۾ ڀارتي جيلن ۾ قيد پاڪستانين جا تفصيل پيش ڪيا ويا. سرتاج عزيز رپورٽ ۾ چيو ته هن وقت ڀارتي جيلن ۾ 113 مهاڻن سميت 460 پاڪستاني قيد آهن، جن تي دهشتگردي، جاسوسي ۽ ٻيا الزام مڙهيا ويا آهن. هن چيو ته ٽن سالن دروان ڀارت پاڪستاني مهاڻن سميت 329  شهرين کي آزاد ڪري چڪو آهي، جڏهن ته رهيل قيدين جي آزادي به ڪوششون ڪيون پيون وڃن. صحت واري مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ به ملڪ ۾ ٽن سالن دروان ڊينگي سبب فوت ٿيل ماڻهن جو انگ اکر لکت ۾ پيش ڪيا. سائر افضل تارڙ رپورٽ ۾ چيو ته ٽن سالن دوران سموري ملڪ ۾ 129 ماڻهو فوت ٿيا، جن ۾ سڀ کان وڏو انگ سنڌ جو آهي، جتي 49 ماڻهن حياتيون وڃايون. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ 43، پنجاب ۾ 26 ماڻهو ڊينگي سبب فوت ٿيا، جڏهن ته بلوچستان ۾ ڪو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو. پ پ  جي سسئي پليجو ايشيا ورلڊ ڪپ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرايو، جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته پي سي بي ۾ سفارشي ڪلچر اچي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *