ڀارتي جارحيت جو دفاع ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا: پاڪستان

استنبول (اين اين آءِ) وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارت جي جارحيت جو دفاع ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت آهي، مودي جنهن انتهاپسنداڻي سوچ سان مٿي ويو اهڙي طرح زمين تي اچي رهيو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته داعش خلاف ترڪي ۽ روس پاڻ ۾ وڙهيا ته فائدو دهشتگردي کي ٿيندو، هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت جي نيت صاف هجي ته پاڪستان پر خلوص لاڳاپن جو خواهشمند آهي، گذريل سالن ۾ ڀارت پاڻ ماحول خراب ڪيو ۽ وڇوٽيون وڌايون، امن لاءِ جيڪا ڪوشش ڪري سگهجي ٿي اها ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته روس پاران ترڪي جي فضائي حدن جي خلاف ورزي تي ٻنهي ملڪن جا معاملا ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ٿي سگهن ٿا، هن چيو ته پاڪستان کي ٽياڪڙي لاءِ آڇ ڪئي وئي ته ڪردار ادا ڪندو، هن چيو ته روس سان ٻن سالن کان بهتر لاڳاپا آهن پر ترڪي سان برادر اسلامي ملڪ وانگر مثالي لاڳاپا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *