ڀارتي بورڊ پنهنجي ملڪ کي راند سان محبت ڪندڙ ملڪ بنائڻ بدران حڪومت جي اجائي ڳالهين تي عمل پيرا آهي: جاويد ميانداد

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان جاويد ميانداد ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ تي سخت تنقيد چيو آهي ته ڀارتي بورڊ پنهنجي ملڪ کي راند سان محبت ڪندڙ ملڪ بنائڻ بدران پنهنجي حڪومت جي بي معنيٰ وارين ڳالهين تي عمل پيرا آهي ٻطرفي سيريز جي بحالي لاءِ پاڪستان حڪومت پاران ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جو مطالبو مذاق آهي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي عهديدار جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ هن چيو ته صاف نظر اچي رهيو آهي ته ڀارت جي حڪومت ڪهڙي طرح بي سي سي آءِ تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري رهي آهي بي سي سي آءِ ڪرڪيٽ بورڊ ناهي پر حڪومت جو بورڊ آهي ڀارت کي ٻئي ڪرڪيٽ ملڪن سان اهڙي طرح جو رويو ان جو زوال طرف وٺي وڃڻ وارو سفر شروع ٿي ويو آهي ۽ هاڻي اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڀارت پاڻ پاڪستان کي سيريز جي بحالي لاءِ چوندو. هن چيو ته پي سي بي جو چيئرمين بي سي سي آءِ جي دعوت تي ملاقات لاءِ ڀارت ويل هيو ته بي سي سي آءِ يا ڀارتي حڪومت ان سان اهڙو ورتاءُ ڪيو ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته نه ته بي سي سي آءِ ۽ نه ئي ڀارتي حڪومت ٻطرفي سيريز جي بحالي لاءِ سنجيده آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *