حالتون ڪيئن به هجن ڀارت ۾ سٺي ڪرڪيِٽ کيڏڻي آهي: شاهد آفريدي

لاهور (اين اين آءِ) قومي ٽي ٽوئڻٽي ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته حالتون ڀلي ڪهڙيون به هجن ڀارت ۾ سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي خدا نه ڪري شڪست ٿي ته حالتن کي جواز نه بڻائينداسين خانگي ٽي وي مطابق ڪپتان شاهد آفريدي رانديگرن سان ملاقات ڪئي ۽ ٽي ٽوئڻٽي ورلڊ ڪپ جي سيڪيورٽي جي حوالي سان سندن حوصلو وڌايو ان موقعي تي شاهد آفريدي چيو ته 99 ۾ به اهڙيون ئي حالتون هيون ۽ پاڪستاني ٽيم کٽي آئي هئي رانديگرن اهڙين ئي حالتن ۾ سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ تيار رهن ڪپتان جو چوڻ هو ته ميگا ايونٽ کان اڳ جيڪي حالتون آهن اهي پاڪستان ٽيم جي حق ۾ ناهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *