ڀارتي اداڪارا تي مڙس جو سخت تشدد، اسپتال منتقل

ڪراچي(شوبز نيوز) ڀارتي ماڊل ۽ اداڪارا پونم پانڊي کي مبينا گهريلو تڪرار دوران سخت ڌڪ لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي جنهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس سندس مڙس سيم بمبئي کي تشدد ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتاري ڪري ورتو آهي ڀارتي ميڊيا موجب پونم پنهنجي مڙس تي تشدد جو الزام لڳائيندي پوليس ۾ شڪايت داخل ڪرائي هئي جنهن بعد پوليس سيم بمبئي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڀارتي سڌ سماءَ واري اداري اي اين آءِ موجب مبينا تشدد سبب اداڪارا کي مٿي، اکين ۽ منهن تي سخت زخم رسيا آيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪرڻ بعد پونم کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ياد رهي ته پونم ۽ سيم جي شادي سيپٽمبر 2020 ۾ ٿي هئي، جنهن جي ڪجهه ڏينهن بعد پونم پنهنجي مڙس تي جسماني طور هراسان ڪرڻ، ڌمڪيون ڏيڻ ۽ مارڪٽ ڪرڻ جا الزام هنيا هئا

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *