راولپنڊي (م.ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ڀارتي آرمي چيف جي طاقت جي بنياد تي لائن آف ڪنٽرول تي جنگبندي جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر جنرل بابر افتخار ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ڀارتي آرمي چيف جو لائن آف ڪنٽرول تي طاقت جي بنيادي جنگبندي بابت بيان ڪوڙو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ايل او سي تي ٻنهي طرفان ڪشميرين جي حفاظت لاءِ سيز فائر تي اتفاق ڪيو ويو هو، ابه ڌر ان کي پنهنجي طاقت يا ٻئي جي ڪمزوري نه سمجهي. واضح رهي ته ڀارتي آرمي چيف چيو هو ته ايل او سي تي جنگبندي ان لاءِ قائم آهي ڇو ته ڀارت مضبوط پوزيشن سان ڳالهيون ڪيون.