
لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولوجي ۾ ڪيل ٿيليم اسڪين ٽيسٽ جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ سندس دل جي هڪ رڳ ۾ معمول کان وڌيڪ تنگي جا اثر ظاهر ٿي رهيا آهن. پنجاب اسنٽيٽيوٽ آف ڪارڊولوجي ۾ گذريل ڏينهن طبي معائني دوران نواز شريف جو ٿيليم اسڪين ٽيسٽ پڻ ڪيو ويو هو ، جنهن ۾ نواز شريف جي دل جي هڪ رڳ ۾ معمول کان وڌيڪ تنگ هئڻ جا اثر ظاهر ٿي رهيا آهن، رڳ ۾ رنڊڪ جي ڪري دل جي هيٺين حصي کي رت جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته دل جي رڳ ۾ رڪاوٽ پراڻي به ٿي سگهي ٿي. بيماري جي حتمي تشخيص لاءِ نواز شريف جي اينجيو گرافي جي ضرورت به پيش اچي سگهي ٿي. نواز شريف جي اي سي جي ۽ ايڪو ڪارڊيوگرافي رپورٽ به ڳڻتي جوڳي آئي هئي، جن جي رپورٽن موجب نواز شريف دل جا پٺا سخت وال به معمل کان تنگ آهن.