ٿولهه سبب ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي: زارا نور

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪاره زارا نور عباس انڪشاف ڪيو آهي ته سندس جسماني بناوت سبب ڪيترين ئي ڪمپنين ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. ڊراما سيريل “خاموشي” سان مشهوري ماڻيندڙ اداڪاره موجب ٿلهي جسامت نه رکڻ سبب مختلف برانڊز کيس تمام وڏي يا گهڻي ويڪري به چئي ڇڏيو ۽ تنقيد ڪئي. هڪ ليبل ته ساڻس ڪم ڪرڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو ته هوءَ سمارٽ ناهي. زارا ڊگهي پوسٽ ۾ پنهنجو پاڻ کي قبولڻ جي ڪهاڻي بيان ڪئي. هن لکيو ته هڪ سٺي ڏينهن، جڏهن مون کي اهي ڳالهيون پريشان ڪري رهيون هيون ته مون پاڻ ڏانهن ڏٺو ۽ پاڻ کي ئي ٻڌايو ته مان سدائين ڪنهن ڳالهه ته رکندي هئس ته ”مان جيڪا آهيان سا آهيان“ مان هڪ اهڙي ڇوڪري آهيان، جيڪا پاڻ سان پيار ڪري ٿي، مان جهڙي آهيان، ان حالت ۾ ئي ڪم مليو ته ٺيڪ نه ته ڪير زحمت نه ڪري. زارا جو ايندڙ پراجيڪٽ وجاهت رئوف جي نئين ايندڙ فلم ”ڇلاوا“ آهي، جيڪا عيدالفطر جي موقعي تي رليز ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *