ٿر ۾ ڪو به ڏڪار ناهي، ٻار مائرن ۾ غذائي کوٽ ۽ ڪمزوري سبب فوت ٿيا : سنڌ سرڪار

ميرپورخاص / مٺي (نمائندن وٽن) سينيئر صوبائي وزير تعليم  نثار احمد کهڙو  ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات  ۽ آرڪائيوز بابت صلاحڪار مولابخش چانڊيو اڄ سول اسپتال مٺي  پهتا جتي هنن ٻارڙن جي نگهداشت واري وارڊ ۾ صحت جي صورتحال  جو تفصيلي جائزو ورتو . ان موقعي تي هنن ضلعي صحت آفيسر ۽ ايم ايس کي سختي سان هدايت ڪئي ته حڪومت پاران فراهم ڪيل دوائن ۽صحت جون سهولتون ٿر جي مريضن تائين پهچايون وڃن. هن ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن طرفان قائم ڪيل انفارميشن ميڊيا آگاهي سيل جو دورو ڪيو. نثار احمد کهڙو ۽ مولابخش چانڊيو درٻار هال ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي جمهوري حڪومت ٿر جي هميشه خدمت ڪئي آهي ۽ ڪندي رهندي جڏهن ته موجوده صورتحال ۾ ٻارن جي موت واقع ٿي رهي آهي ان تي اسان تمام گهڻو ڏک آهي جيڪو انسانيت جو وڏو نقصان آهي. هن چيو ته ٻارن جي موت جو سبب مائرن ۾  غذائي کوٽ ۽ ڪمزوري  جي ڪري  وقت کان اڳ  ٻارن جي ڄم جو ٿيڻ آهي جنهن جي ڪري 17 فوتگيون ٿيون آهن. هن چيو ته ٿر جي موجوده صورتحال  تي جيڪا قيامت برپا ڪئي پئي وڃي  اهڙي ڪا قحط  جهڙي صورتحال ناهي. هن چيو ته پ پ پ جمهوري حڪومت  کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪجهه مفاد پرست عناصر سازشي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن جيڪي وقت سان گڏ وگڏ  ٿڌا ٿي ويندا . هن چيو ته پيپلزپارٽي  ۽ سنڌ حڪومت تي ڪوتاهي جا الزام لڳائي  اجائي واويلا  ڪئي پئي وڃي اسانکي خبر آهي ته ان سازش جي پويان ڪنهن جو هٿ آهي . هن چيو ته ادارن ۾ نقص جي ڪري اين جي اوز ٿر ۾ اهو ڪم سنڀاليو  آهي جيڪو خوش اسلوبي سان نڀائي رهي آهي  ان ۾ هينڊز  ۽ شفاء اين جي اوز جي ڪارڪردگي تسلي بخش آهي. ڄاڻايل اين جي اوز پنهنجي سموري رپورٽ   ۾ چيو آهي ته ٿر جي صورتحال خراب ناهي . هن چيو ته اسان عوام کان ڪا ڳالهه  نه لڪائينداسين  ٿر جون حالتن  کي باريڪ بيني سان ڏسي رهيا آهيون . هن چيو ته گذريل ڏڪار ۾ سنڌ حڪومت پاران 7 فيزز ۾ 2 لک 55 هزار خاندانن ۾ مفت ڪڻڪ تقسيم ڪئي  وئي هئي  ۽ ان وقت سنڌ حڪومت ڏڪارجي صورتحال کي منهن ڏنو هو. صوبائي صلاحڪار اطلاعات مولابخش چانديو چيو ته مان مٺي  ۾ گڏجاڻي   دوران ڪافي معاملن  کان مطمئن ٿيو آهيان پر ڪجهه  ڳالهين تي متفق نه آهيان جنهن جي اطلاع  پنهنجي اعليٰ قيادت  ۽ سنڌ حڪومت کي ڏيندس _ هن چيو ته ڪجهه ماڻهن جي ڪوتاهين  کي پوري سنڌ حڪومت تي نه وڌو وڃي جڏهن ته صوبائي حڪومت پنهنجي قوم جي ٻارڙن جو تحفظ ڪري سگهي ٿي  ۽ ڪري رهي آهي. هن چيو ته  جڏهن آئون سول اسپتال مٺي  پهتس ته مونکي گلن جهڙا ٻارڙا پنهنجا ٻچا لڳا ۽ منهنجن اکين مان لڙڪ وهي آيا .هن وڌيڪ چيو  ته مٺي  سول اسپتال پهرين کان وڌيڪ اپ گريڊ  ٿي چڪي آهي جتي تمام وڌيڪ سهولتون نظر اچي رهيون آهن پر جيڪڏهن تازا ڄاول ٻار  هڪ يا 2 پائونڊ جا پيدا ٿيندا ته معاملا گڙٻر ٿي سگهن ٿا . مولابخش چانڊيو چيو ته ٿر جي صورتحال جي پويان تمام  سماجي ، ثقافتي ، معاشي  ۽ ٻيا سبب شامل آهن . سنڌ حڪومت ۽ اسانجي قيادت اسان کي هتي موڪليو آهي اسان کان اڳ به  وزير آيا ۽ ٻيهر به اسين ۽ وزير ايندا رهندا. هن چيو ته گڏجاڻي ۾ شفاء  ۽ هينڊ اين جي اوز واضح ڪيو آهي ته ٿر جي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت جو ڪو به ڏوهه ناهي اها ڳالهه مونکي تمام سٺي لڳي، ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت سڄي معاملي کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ اسين پنهنجو ڪم بخوبي انجام ڏئي رهيا آهيون . ان موقعي تي صوبائي وزير زڪوات  دوست محمد راهمون ، ايم پي اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي  ،ايم پي اي خير النساء مغل ، ڊپٽي ڪمشنر خدا ڏنو شورو ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر نثار ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا _ ان کان اڳ نثار کهڙو  ۽ مولابخش چانڊيو ٿر جي موجوده صورتحال بابت سرڪاري ۽ غير سرڪاري اسٽيڪ هولڊرز  کان تفصيلي بريفنگ ورتي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *