ٿر ۾ ڏڪار ۽ طبي سهولوتن جي اڻاٺ سبب وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت، انگ 40 ٿي ويو

ڪراچي/مٺي (نمائندن وٽان) ٿرپارڪر ۾ ڏڪار ۽ اسپتالن ۾ طبي سهولتن جي اڻهوند سبب وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا، 11 ڏينهن دوران بيمارين سبب حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن جو انگ وڌي 40 ٿي ويو آهي، سنڌ سرڪار پاران ڏڪاريل ڏيهه ۾ اڃا تائين رليف جو ڪم شروع نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ٿرپارڪر کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو. ٿرپارڪر ۾ ڏڪار سبب پيدا ٿيل بيمارين جي ڪري معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ وارو سلسلو جاري آهي، مٺي مان ڪراچي منتقل ڪيل ڳوٺ ڪڍڙو جي رهواسي پورهيت عيشور داس جو نئون ڄاول ٻارڙو فوت ٿي ويو.  مٺي سول اسپتال ۾ ڳوٺ ڇهو رام جي رهواسي ٻن ورهين جو رجب پٽ محمد اويس به حياتي وڃائي ويٺو، جڏهن ته ڇاڇري ويجهو ڳوٺ ستلا ۾ ساڍا ٽن ورهين جو ٻارڙو مول چند ڀيل ڊائريا وگهي فوت ٿي ويو. سول اسپتال ۾ گذريل 11 ڏينهن دوران بيمارين سبب فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ 17 ۽ سڄي ضلعي اندر فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 39 ٿي ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري پاران ناصر شاهه ۽ مولابخش چانڊئَي تي ٻڌل جوڙيل ٻه رڪني ڪميٽي ٿرپارڪر جي ياترا ڪري چڪي آهي، رليف بابت وڏي وزير قائم علي شاهه جَي صلاحڪار علي حسن هنڱورجَي به مٺي جو دورو ڪيو آهي. ضلعي جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ماڻهن کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اڃا تائين موبائل سروس به شروع نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي ٿرپارڪر کي ڏڪار سٽيل علائقو قرار ڏئي رليف جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف صحت جي صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو آهي ته ٿر ۾ ٻارن جي موت جا ڪيترائي سبب آهن انهن ۾ ٻارن جي جلدي شادي، خوراڪ جي کوٽ، وقت کان اڳ ٻارن جي پيدائش ۽ انهن جو گهٽ وزن هجڻ شامل آهي، جڏهن ته حڪومت پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي ٿر جي علائقي ۾ عوام کي معيار زندگي بلند ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. اها ڳالهه اڄ هن پنهنجي دفتر ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. ان موقعي تي سيڪريٽري صحت سنڌ ڊاڪٽر سعيد احمد مڱڻيجو، ايم ايس سول اسپتال حيدرآباد ڊاڪٽر واجد ميمڻ ۽ نيورو سرجري لمس جي چيئرمين ڊاڪٽر رياض احمد به موجود هئا. هن چيو ته اسان ضلعي ۽ تعلقي سطح تي موبائيل ميڊيڪل يونٽس جي فراهمي لاءِ يو ايس ايڊ سان رابطي ۾ آهيون ته جيئن عوام کي سندن در آڏو ئي علاج معالجي جون بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان لاهور ۽ فيصل آباد جي اسپتالن ۾ تازن ڄاول ٻارن جي موت جو تناسب ڏسنداسين ته اهو ٿر جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي، پر اسان جي ڪوشش ۽ خواهش آهي ته ٿر ۾ هڪ به ٻار موت جو شمار نه ٿئي. ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو ته پرائمري هيلٿ جي شعبي ۾ تمام وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ ان سلسلي ۾ انسان دوست شخصيتن ۽ ادارن کي اڳتي اچي صحت کاتي سان گڏجي غريب مريضن جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان ٿر ۾ ڪم ڪندڙ اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن لاءِ خاص سهولتن جو به اعلان ڪري رهيا آهيون جڏهن ته اتي ماڻهو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. ان موقعي تي صوبائي وزير سيڪريٽري هيلٿ کي هدايت ڪئي ته سنڌ جي سمورين وڏين اسپتالن ۾ نيورو سرجري جا وارڊز جديد نموني تي فعال ڪيا وڃن ته جيئن غريب ۽ ضرورتمند مريضن کي پريشاني سان منهن نه ڏيڻو پوي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *