ٿر ۾ ڏڪار متاثر وڌيڪ هڪ ناري ۽ 7 ٻارڙا فوت ٿي ويا

مٺي (رپورٽر) ٿر ۾ ڏڪار متاثر وڌيڪ هڪ ناري ۽ ست ٻار فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي ٻارڙن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. مٺي جي سول اسپتال ۾ سڀاڳي مهر جي چئن ڏينهن جي ٻارڙي ۽ هيمن ڀيل جي 5 ڏينهن جي ٻارڙي دم ڏنو. ڏيپلي جي ڳوٺ مورا ڏهي ۾ پنجن ڏينهن جو غفار ۽ 10 ڏينهن جي سيما فوت ٿي ويا. ڇاڇري جي بجير پاڙي ۾ 8 ورهين جو اويس ۽ ڳوٺ نيپو ڪرم ۾  هڪ مهيني جو اياز فوت ٿي ويو. ڳوٺ آدم رند ۾ ۾ ستن ڏينهن جي نينگري ڪرامت ۽ ڳوٺ ٻڳل ۾ ٻن ڏينهن جو ٻارڙو فوت ٿي ويو. عمرڪوٽ جي ڳوٺ ٻاگهل جي رهواسڻ 17 ورهين جي روبينا سول اسپتال ۾ فوت ٿي وئي.  ڊاڪٽرن موجب ڇاڇري جي اسپتال ۾ وڌيڪ 37 ٻارڙا داخل ڪيا ويا آهن ۽ ٽي حيدرآباد منتقل ڪيا ويا آهن. هوڏانهن ڇاڇري جي ڳوٺ گوراڙي رند ۾ ق ليگ اڳواڻ حليم عادل شيخ طرفان ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *