ٿر ۾ ڏڪار جي ڏائنڻ ختم نه ٿي سگهي، سول اسپتال مٺي ۽ جناح اسپتال ڪراچي ۾ ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا

ٿرپارڪر(رپورٽر) ٿر ۾ ڏڪار جي ڏائنڻ ختم نه ٿي سگهي، اسلام ڪوٽ جو ڏڪار متاثر ٻارڙو ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، مٺي جي سول اسپتال ۾ به هڪ وڌيڪ معصوم ٻارڙو خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي ويو، 63 ڏينهن ۾وت ٿي ويلن جو انگ 169 ٿي ويو آهي…. مٺي جي سول اسپتال ۾ ٽن ڏينهن جو معصوم ٻارڙو پيرو خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي ويو، جڏهن ته اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ دڪڙجو جو رهواسي 6 مهينن جو ديدار علي ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، 63 ڏينهن ۾ فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ 168 ٿي ويو آهي. ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، جنهن سبب اسپتالن ۾ داخل ٿيل ڪيترائي معصوم ٻارڙا زندگي هارائي رهيا آهن… اسپتالن اندر بنيادي سهولتون ۽ صاف پاڻي نه هئڻ ڪري داخل ڪرايل ٻارڙا سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن… ٿر متاثرن لاءِ حڪومتي امداد به اڃا تائين ڪيترن ئي علائقن ۾ ناهي پهتي، جنهن سبب ماڻهو بکن ۾ پاهه ٿي ويا آهن.. ٻن مهينن دوران پوڻا 2 سئو ٻارڙا فوت ٿيڻ باوجود امدادي سرگرمين ۾ تيزي ناهي آئي، جنهن سبب وڌيڪ جاني نقصان ٿي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *