ٿر ۾ ڏڪاري حالتون، وڌيڪ 3 گل ڪومائجي ويا، انگ 296 ٿي ويو

مٺي (نمائندو) ٿر ۾ ڏُڪاري حالتن تي ضابطو نه آيو، اڄ وڌيڪ 3 گل ڪومائجڻ کانپوءِ 91 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 296 ٿي ويو آهي. سول اسپتال مٺي ۾10 ڏينهن جي ٻارڙي ۽ ٻن ڏينهن جو ٻار فوت ٿي ويا جڏهن ته ڇاڇري جي ڳوٺ تر احمد ۾ ڏيڍ مهيني جو صحبت دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. آواز نيوز کي مليل انگن اکرن موجب ٿر ۾ بک، بدحالي، بيمارين ۽ علاج نه ٿيڻ سبب وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿيڻ بعد 91 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 296 ٿي ويو آهي. پٺتي پيل علائقي ٿر ۾ حڪومتي اپاءَ توڙي دعوائون ڪي به نتيجا نه ڏئي سگهيون، ٿر واسين لاءِ لاڀائتيون ثابت نه ٿي سگهيون ۽ موت ورهائڻ جو سلسلو جيئن جو تيئن جاري آهي. هوڏانهن ڏڪار سبب ڏک، بک ۽ بيمارين جي گهيري هيٺ آيل وڌيڪ ڪيترائي معصوم ٻارڙا اسپتالن ۾ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *