ٿر ۾ ڏڪار، وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت، انگ 142 ٿي ويو

مٺي (نمائندو) ڏڪاريل ڏيهه ٿر تان موت جو پاڇو نه ٽريو، وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو،جنهن بعد 55 ڏينهن دوران خوراڪ جي کوٽ، بيمارين ۽ علاج جي بهتر سهولت نه ملڻ سبب فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي هڪ سئو 42 ٿي ويو آهي. مٺيءَ جي سول اسپتال ۾ پورهيت ڪريم بجير جو تازو ڄاول ٻارڙو علاج جي بهتر سهولت نه ملڻ سبب فوت ٿي ويو. گــُذريل ڏينهن بهٿر ۾ 4 ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا هئا. خوراڪ جي کوٽ، بيمارين ۽ علاج جي بهتر سهولت نه ملڻ سبب گذريل 55 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ هڪ سئو 42 ٿي ويو. سنڌ سرڪار هر نئين ڏينهن ٿر ۾ ڏُڪار متاثرن کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جون دعوائون ته ڪري رهي آهي پر روزانو مرندڙ معصوم ٻارڙا حڪومت جي اهڙين دعوائن کي ڪوڙو ثابت ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *