ٿر ۾ ٻارن جي فوت ٿيڻ جي جاچ ٿيڻ گهرجي، عمران جي لاڙڪاڻي ۾ جلسي سان فرق نه پوندو: آغا سراج دراني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته ٿر ۾ ٻارن جي فوت ٿيڻ جي جاچ ٿيڻ گهرجي، عمران خان جي لاڙڪاڻي ۾ جلسي سان فرق نه پوندو. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج دراني چيو ته ٿر ۾ جيڪڏهن بک سبب ٻارڙا فوت ٿي رهيا آهن ته ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، سنڌ حڪومت ٿرپارڪر ۾ صورتحال جي بهتري لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، ٿر ۾ ترقياتي ڪم به ڪرايا پيا وڃن. هن چيو ته جلسا ڪرڻ عمران خان جو حق آهي هو ملڪ ۾ جتي چاهي جلسا ڪري سگهي ٿو، لاڙڪاڻي ۾ سندس جلسي ڪرڻ سان فرق نه پوندو، لاڙڪاڻي جو عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ناڪام ناهي ٿي، لنڊن ۾ پارٽي جو اجلاس ٿي رهيو آهي، اجلاس جي فيصلن جو انتظار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *