ٿر ۾ موت جو رقص جاري، وڌيڪ 10 حياتيون ڳڙڪائي ويو

ٿرپارڪر (نمائندو) ڏڪاريل ڏيهه ٿَـر ۾ موت جو رقص جاري آهي، خوراڪ جــِي کوٽ ۽ علاج جون بهتر سهولتون نه هئڻ سبب وڌيڪ ستن ٻارڙن جَي فوت ٿيڻ بعد گذريل ڏهاڙَي فوت ٿيل ٻاڙرن جو انگ 10 ٿي ويو، جڏهن ته ڏيڍ مهيني دوران فوتگين جو تعداد 112 تائين پهچي ويو آهي. ٿـَر ۾ خوراڪ جــِي کوٽ ۽ علاج جون بهتر سهولتون نه هجڻ ڪري معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو تيزي سان جاري آهي. عمرڪوٽ جِي سول اسپتال ۾ غذائي کوٽ جو شڪار 6 ورهين جو هيرا لعل ولد عالم ڀيل فوت ٿي ويو. ڇاڇري تعلقي ۾ وڌيڪ 6 ٻارڙا غذائي کوٽ جي ڪري موت جي منهن ۾ هليا ويا، جن ۾ شهناز، مهناز، سهراب، اميدان،بيبي ۽ قربان شامل آهن. مٺيءَ جي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب 24 ڏينهن جي معصوم ٻارڙي روزينا فوت ٿي وئي. ڏيپلي ۽ ڇاڇري ۾ ڏڪار متاثر چئن مهينن جي فرزانا ۽ هڪ مهيني جي قربان راهمون دم ڌڻي حوالي ڪيو. ٿر ۾ اڄ وڌيڪ 10 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ 49 ڏينهن دوران 102 ٻارن سميت فوتين جو تعداد وڌي 112 ٿي ويو آهي. ڏڪاريل ڏيهه ۾ ايڏي ويڌن باوجود سنڌ سرڪار سڀ صحيح آهي وارو راڳ آلاپي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *