ٿر ۾ موت جو راڄ برقرار، وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت، انگ 370 ٿي ويو

مٺي (نمائندو) ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي،وڌيڪ چئن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ هڪ سئو 5 ڏينهن دوران حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 370 ٿي ويو. سول اسپتال مٺي ۾ ٽن ڏينهن جو ٻارڙو ۽ ڳوٺ فيض ڀنڀرو جي رهواسي ديارام ڪولهي جو 22 ڏينهن جو نريش فوت ٿي ويو. ڇاڇري جي ڳوٺ رتن جي ڌاني ۾ 7 ڏينهن جي ٻارڙِي بشيران سميجو ۽ ڳوٺ بــَچــُو جو تر ۾ پنجن مهينن جو شاهه نواز رند دم ڏنو. سول اسپتال مٺيءَ ۾ هن وقت هڪ سئو کان وڌيڪ ٻارڙا داخل آهن،جڏهن ته اسلام ڪوٽ، ڏيپلي، ڇاڇري، عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن جي اسپتالن ۾ پڻ ڪيترن ئي ٻارڙن جو علاج هلندڙ آهي. اڄوڪي ڏينهن دوران وڌيڪ چئن ٻارڙن جَي فوت ٿيڻ بعد هڪ سئو 15 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 370 ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *