ٿر ۾ موت جو راڄ، وڌيڪ 5 ٻار فوت، انگ 332 ٿي ويو

مٺي (نمائندو) سنڌ سرڪار جي بدترين نااهليءَ سبب ٿرپارڪر ۾ موت جو رقص اڃا جاري آهي، وڌيڪ پنجن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بعد بــُک ۽ بيمارين سبب 99 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 332 ٿي ويو آهي. ڏيپلو جي ڳوٺ ڪانڊيواري ڪولهي ۾ ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا جن ۾ ڪرمسي ڪولهي جو پٽ هري ۽ گوو ڪولهي جي ڌيءُ جيئا شامل آهن. سول اسپتال مٺي ۾ يامين جو ٻارڙو شمشاد، سليم جي پنجن ڏينهن جي ماريا ۽ تعلقا اسپتال ڏيپلو ۾ 6 مهينن جي شازيه ڪلر دم ڏنو. وڌيڪ پنجن ٻارڙن جَي فوت ٿيڻ بعد 99 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 332 ٿي ويو آهي. هوڏانهن ڏڪار سبب ڏک، بک ۽ بيمارين جي گهيري هيٺ آيل وڌيڪ ڪيترائي معصوم ٻارڙا اسپتالن ۾ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *