ٿر ۾ موت جا لامارا جاري، موت جو فرشتو وڌيڪ 3 گل ڪومائي ويو

ٿرپارڪر(رپورٽر) ٿرپارڪر ۾ موت جو سلسلو جاري آهي سول اسپتال مٺي، ڏيپلو ۽ ڇاڇرو ۾ وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن 88 ڏينهن ۾ ٻارڙن سميت 281ماڻهو فوت ٿي ويا آهن غذائي کوٽ کانپوءِ هاڻ ٿڌ جي شدت ٿر واسين جي زندگي کي مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي، ٿرپارڪر جي علائقي مٺي، ڏيپلو، ڇاڇرو، ننگر پارڪر ۽ ٻين ڏڪار سٽيل علائقن ۾ موت جي تعداد وڌندي پئي وڃي ٿڌ ۾ اضافي سبب بي يارو مددگار ٿري معصوم ٻارڙا نمونيا سميت ڪيترين ئي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن حڪومت طرفان مناسب قدم نه کڻڻ، اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ ۽ سهولتن جي فقدان سبب روزانو ڪيترين ئي مائرن جون هنجون اجڙي ٿيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *