ٿر ۾ فوتگين جو سلسلو نه رڪجي سگهيو، وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت

ٿرپارڪر(م.ڊ) ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، مٺي ۾ وڌيڪ 3 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ 36 ڏينهن جي مختصر عرصي ۾ فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ وڌي هڪ سئو 30 ٿي ويو آهي.. ننگر پارڪر جي تعلقا اسپتال ۾ خوراڪ جي وٽ جو شڪار 2 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا، مٺي جي سول اسپتال 23 مهينن جو نزاڪت، 8 مهينن جو ساگر ۽ معصوم نينگري حميده فوت ٿي وئي. وڌيڪ 3 معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ 36 ڏينهن دوران فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ هڪ سئو 30 ٿي ويو آهي. گيسٽرو، ڊائريا ۽ نمونيا سميت ٻين بيمارين سبب متاثر ٿيل مٺي، ڇاڇرو، ڏيپلو ۽ ڪلوئي سميت ٻين علائقن جي سوين ۾ معصوم ٻارڙن کي مٺي جي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڏڪار سٽيل علائقن جي رهواسين جو چوڻ آهي ته ٻهراڙين وارن علائقن ۾ سهولتن جي کوٽ برقرار آهي، جنهن سبب معصوم ٻارڙا اسپتال پهچڻ کان اڳ فوت ٿي رهيا آهن……

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *