ٿر ۾ شروع ڪيل پاور پراجيڪٽ کي مڪمل ڪرڻ ۾ رنڊڪون ختم ڪيون وڃن: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاه ٿر ڪول اينڊ انرجي بورڊ کي حڪم ڏنو آهي ته ٿر ۾ شروع ڪيل پاور پروجيڪٽس مڪمل ڪرڻ ۾ رنڊڪون جلد کان جلد هٽائي ۽ چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير جو خواب هو اسان کي هر هال ۾ ان جو خواب سانڀيا ڪندي ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻي آهي، اهڙن خيالن جو اطهار هن آچر تي سي ايم هائوس ۾ ٿرل ڪول انرجي بورڊ جي 19 هين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ مراد علي شاهه، شازيه مري، صديق ميمڻ، روبينا قائمخاني، علم الدين بلو، ٿرڪول انرجي بورڊ جو ايم ڊي اعجاز احمد ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ايم ڊي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سائنو سنڌ گلوبل مائينگ ڪمپني کي ٿرڪول فيلڊ ۾ بلاڪ هڪ ڏنو ويو آهي جتي هن 0.85 ملين ڊالر جي لاڳت سان 6.5 ٽن ساليانا ڪول مائينگ رٿا جي شروعات ڪئي آهي ۽ ان لاءِ 1.1 ملين ڊالر جي لاڳت سان 330 ميگاواٽ جا 4 پاور پلانٽ تعمير ڪنداسين، هن ٻڌايو ته ڪمپني مارچ 2012 ۾ بينڪ فزيبلٽي مڪمل ڪري ورتي آهي جنهن کانپوءِ هن شنگائي اليڪٽرڪ پاور لاءِ ڪوئلي جي سپلائي لاءِ ياداشت نامي تي صحيحون ڪيون آهن. ان حوالي سان معاهدو به طئه ٿيڻ وارو آهي، هلندڙ مهيني آڪٽومبر 2015 ۾ ان جو فناشل ڪلوز ٿي ويندو، هن چيو ته سنڌ اينگرو ڪول مائينگ ڪمپني جنهن ۾ 51 سيڪڙو سنڌ حڪومت جو حصو آهي، اينگرو پاور ٿر لميٽيڊ سان بلاڪ 2 ۾ ڪوئلي جو سپلائي جو معاهدو ڪيو آهي، جنهن جي اگهه جي بورڊ منظوري ڏني آهي، هن 5 ارب رپين جي لوڪل فنانسنگ تي صحيحون ڪيون آهن، ڪمپني اوپن پٽ ڪول مائينگ تان بار هلڪو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ان جو فناشل ڪول به هلندڙ مهيني ۾ ٿي ويندو، وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن ڪي زمين حاصل ڪرڻ جا معاملا آهن ته ڏنل ٽائيم اندر اهي اڪاليا وڃن، ٿر ڪول جي ايم ڊي بلاڪ 7 جتي ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند انڊر گرائونڊ ڪول ٽيسيفڪيشن پروجڪيٽ اينڊ پاور پلانٽ شروع ڪيو آهي ان بابت ٻڌايو ته اتي 38 بورل ٿي چڪا آهن ۽ ڊسمبر 2011 ۾ ٽيسٽ برنگ به ڪئي وئي ۽ سائن گيس پيدا ڪئي پئي وڃي، هن پيورفڪيشن پلانٽ به لڳايو آهي ۽ في وقت 8 کان 10 ميگاواٽ پاور پلانٽ نصب ڪيا پيا وڃن، وڏي وزير مراد علي شاهه کي هدايت ڪئي ته هو ثمر مبارڪ کي پنهنجي پروجڪيٽ جي ٽينڪڪي معاملي تي بورڊ کي بريفنگ ڏيڻ جي دعوت ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *