ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا

مٺي(رپورٽر) سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا آھن جنهن کان پوءُ هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 26 ۽ ھلندڙ سال 93 ٿي ويو آھي فوتي ٻارڙن ۾ 3 مهينن جو اشوڪ ڪولهي ۽ گلاب ميگهواڙ جو تازو ڄاول ٻار شامل آھي. جڏھن ته رڳو مٺي سول اسپتال ۾ 47 ٻارڙا زير علاج آھن. جڏھن ته سنڌ سرڪار پاران علاج ۽ بنيادي سهوليتن واريون دعوائون رڳو مٺي شھر تائين محدود آھن ضلع جي باقي شھرن توڙي 26 سئو کان به ڳوٺن ۾ علاج جون سهولتون اڃان تائين پهچي نه سگهيون آھن. جنهن سبب موت وارن واقعن تي ضابطو اچڻ مشڪل بڻيل آھي. ڇاڪاڻ ته فوت ٿيندڙ ٻارن جو 90 سيڪڙو تعلق ٻھراڙي جي ڳوٺن سان آھي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *