ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ برقرار، مختلف علائقن ۾ ٻن سڳن ڀاءُ ڀيڻ سميت 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا

ٿرپارڪر (رپورٽر) ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب موت جو سلسلو جاري آهي اڱاري تي به ٿر جي مختلف علائقن ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب ٻن سڳن ڀاءُ ڀيڻ سميت 4 وڌيڪ تازا ڄاول ٻارڙا فوت ٿي ويا جنهن جي نتيجي ۾ 42 ڏينهن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ 63 ٿي ويو آهي. ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي مٺي جي سول اسپتال ۾ ٻه ڏينهن اڳ ڄاول ڀاءُ ڀيڻ فوت ٿي ويا سڳا ڀاءُ ڀيڻ ٻه ڏينهن اڳ ئي ڄاوا هئا جيڪي خوراڪ جي کوٽ سبب گذريل رات فوت ٿي ويا. ورنائي ڳوٺ ۾ وڌيڪ ٻن مائرن جا هنج خالي ٿي ويا ۽ ٻه ڄاول ٻارڙا ڄمندي ئي فوت ٿي ويا. ڏيپلو جي مقامي ڳوٺ ڪرشن پوري ۾ به ستن مهينن جو هڪ ٻارڙو خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي ويا ڇاڇرو جي هينسر ڳوٺ ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب زال مڙس جيئان بيبي ۽ سندس ور فوت ٿي ويا. ڇاڇرو جي خانگي اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب ڄاول ٻارڙو فوت ٿي ويو طبي سهولتن جي نه هجڻ ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب وڏي انگ ۾ ٻارڙا فوت ٿي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *