ٿر ۾ خودڪشين جي خطرناڪ حد تائين وڌي ويل رجحان بابت تحقيقي رپورٽ جاري

مٺي(م.ڊ) ڏڪار سٽيل ڏيهه ٿر ۾ خودڪشين جي خطرناڪ حد تائين وڌي ويل رجحان بابت تحقيقي رپورٽ جاري. رپورٽ موجب  خودڪشيون ڪندڙن ۾ 60 سيڪڙو نوجوان هئا. رپورٽ ۾ خودڪشين کي ڏوهه قرار ڏيڻ واري پاڪستان پينل ڪوڊ 325 ۾ ترميم ڪري خودڪشين جا واقعا روڪڻ لاءِ سوسائيڊ پروينشن ايڪٽ نالي نئون قانون متعارف ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي. رپورٽ سنڌ مينٽل اٿارٽي جي سربراهيءَ ۾ صحت کاتي سنڌ، ٿر فائونڊيشن ۽ ٻين ادارن جي سهڪار سان ملڪ جي چوٽيءَ جي دماغي بيمارين جي ماهرن ۽ نفسياتي علاج ڪندڙ ادارن سان واڳيل ماڻهن پاران تيار ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته ٿر ۾ خودڪشي ڪندڙن مان 24 سيڪڙو ماڻهو مختلف دماغي بيمارين کي ڀوڳي رهيا هئا ۽ 9 سيڪڙو ماڻهن قرضن جو دٻاءُ هئڻ سبب خودڪشي ڪئي. ٿر ۾ خودڪشي ڪندڙن ۾ 45 سيڪڙو عورتون هيون. انهن مان 60 سيڪڙو گهريلو عورتون هيون ۽ 40 سيڪڙو متاثرن جو تعلق گهٽ آمدني رکندڙ گهراڻن سان هو. خودڪشي ڪندڙن مان 15 سيڪڙو مردن جي ڪا به تعليم حاصل ٿيل نه هئي. خودڪشي ڪندڙن مان 40 سيڪڙو جو تعلق گهٽ آمدني رکندڙ، غير هنري  پورهيت طبقي يا هيٺين سطح جو ڪاروبار ڪندڙ گروپس سان هو. رپورٽ موجب 52 سيڪڙو خودڪشين جي اڳواٽ رٿابندي ڪئي وئي هئي، جڏهن ته 48 سيڪڙو خودڪشيون اوچتو ڪيون ويون. رپورٽ موجب اپريل ۽ مئي وارن مهينن ۾ خودڪشين جا سڀ کان وڌيڪ واقعا پيش آيا. مٺي ۾ گڏجاڻي دوران سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر ڪريم خواجا رپورٽ پيش ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت کي خودڪشين کي ڏوهه قرار ڏيندڙ پاڪستان پينل ڪوڊ 325 ۾ ترميم ڪندي نئين قانونسازي ڪرڻ گهرجي ۽ خودڪشيون روڪڻ لاءِ سوسائيڊ پروينشن ايڪٽ متعارف ڪرائڻ گهرجي. ايم پي اي فقير شير محمد، ڊي سي ٿرپارڪر محمد نواز سوهو ۽ ٻين چيو ته خودڪشين جي روڪٿام لاءِ پوليس سان گڏ دماغي بيمارين جي ماهرن ۽ ادارن کي اهڙن واقعن جون سرويز ڪرائڻ گهرجن. ڊائو يونيورسٽي جي پروفيسر سيد حيدر رضا نقوي ۽ ٿر فائونڊيشن جي محسن ٻٻر به پنهنجيون تجويزون پيش ڪيون ۽ دماغي بيمارين جي علاج جون سهولتون وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *