ٿر ڪول منصوبو نيب حوالي، سپريم ڪورٽ ڊاڪٽر ثمر خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ ٿر ڪول گيسيفڪيشن پاور پراجيڪٽ بابت ڪيس ۾ نيب کي مشهور ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر ثمبر مبارڪ ۽ ٻين خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، خميس تي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 ميمبرن واري بينچ ٿر ڪو گيسيفڪيشن پاور پراجيڪٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، آڊيٽر جنرل پاران آڊٽ رپورٽ پيش ڪئي وئي، ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته هن منصوبي کي هلائڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري هئي، جنهن تي جسٽس اعجاز الحسن ريمارڪس ڏنا ته گذريل ڏينهن سنڌ حڪومت چيو ته 8 کان 10 ارب رپيا لڳڻ کانپوءِ نئين گاج ڊيم نه گهرجي، ٿر ڪول منصوبي تي 4 ارب رپيا لڳي چڪا آهن سڀ چون ٿا ته اهو منصوبو نه گهرجي، ان تي ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته هن وقت تائين 4 ارب 69 ڪروڙ خرچ ٿيا آهن، اٽڪل پوڻا 5 ارب رپيا خرچ ٿيڻ جي باوجود بجلي پيدا ناهي ٿي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ثمر مند مبارڪ چيو هو ته بجلي سان ملڪ کي مالا مال ڪندس، جيڪي اربين رپيا خرچ ٿيا انهن جو حساب ڪير ڏيندو، ثمر مبارڪ چيو ته هڪ ارب رپيا فزيبلٽي تي لڳي ويا، حڪومت وڃي ڏٺو ته منهنجو منصوبو هلي رهيو آهي ان کانپوءِ منصوبو منظور ٿيو، جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته هي منصوبو هلائڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته آڊٽ رپورٽ اچي وئي آهي، نيب ايڪشن کڻي، ثمر مبارڪ مند ۽ ٻين جي خلاف ايڪشن وٺي، چيف جسٽس چيو ته سڌي ڳالهه آهي ته 4 ارب رپين کان وڌيڪ پيسا لڙهي ويا، ذميوار ثمر مبارڪ آهي، هن وڏي دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستان کي بجلي مفت ملندي، ايترا پيسا خرچ ٿيڻ کانپوءِ منصوبو بند ڪيو ويو، هاڻ ته ان وٽ 20 بهانا هوندا. هن ريمارڪس ڏنا ته ٿر ڪول منصوبي جي هنڌ وٽان ماڻهو سامان به کڻي ويا، منصوبي سان قومي خزاني کي وڏو نقصان ڏنو ويو، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت منصوبي جي سمورين شين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ان حوالي سان وفاقي حڪومت سان رابطو ڪريو جنهن کانپوءِ عدالت ٿر ڪول منصوبو نيب ڏانهن موڪليندي حڪم ڏنو ته آڊٽ رپورٽ جي نتيجي ۾ نيب ثمر مند مبارڪ ۽ ٻين جي خلاف ڪارروائي ڪري، عدالت ٿرڪول منصوبي تي وفاقي حڪومت کي 6 هفتن ۾ جائزي واري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *