ٿر پاڪستان جو مستقبل آهي، جنوري جي آخري هفتي تائين بجلي جي پيداوار شروع ٿي ويندي: مراد علي شاهه

مٺي  (ڊ.ر) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر ڪول مان ايندڙ سال جنوري جي آخري هفتي تائين بجلي جي پيداوار جي شروعات ٿي ويندي ۽ ان پروجيڪٽ سميت ٿر ۾ 70 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. هن اها ڳالهه اڄ خميس ڏينهن ٿر ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ جي موقعي تي ڪئي. وڏي وزير سان گڏ توانائي وارو صوبائي وزير امتياز شيخ، وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب پڻ گڏ هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسلام ڪوٽ جي بختاور ايئرپورٽ تي پهتو جتي سندس آجيان سينٽر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ڪئي. بختاور ايئرپروٽ اسلام ڪوٽ کي سنڌ حڪومت ٿر ۾ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ تعمير ڪرايو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪول مائنگ، ٿرڪول پاور پلانٽ، صحت جي سهولتن جو معائنو ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ٿر پاڪستان جو مستقبل آهي، انشاءَ الله جنوري 2019ع ۾ ٿر پاور پلانٽ مان بجلي پيدا ڪئي ويندي. مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام بلڪه سڄي پاڪستان جي ترقيءَ ۽ بجلي جي بحران جي خاتمي لاءِ اپاءَ وٺي رهي آهي. هن ٿر ڪول بلاڪ ٽو پهچي ڪول مائننگ جو جائزو ورتو. ڪول مائننگ جو 96 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، پاور پلانٽ وارو ڪم به 96 سيڪڙو مڪمل ڪيو ويو آهي. مراد علي شاهه چيو ته پارو پلانٽ مان بجليءَ جي شيڊول پيداوار جون 2019ع ۾ ٿيڻي هئي جيڪا هاڻ جنوري 2019ع جي آخري هفتي يا فيبروري جي پهرين هفتي ۾ بجلي جي پيدا شروع ٿي  ويندي. ان پروجيڪٽ سميت ٿر ۾ 70 بلين رپين جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٿر فائونڊيشن جي ذريعي 20 هزار ڪٽنبن کي سندن چوپائي مال لاءِ چارو فراهم ڪري رهي آهي. ٿر فائونڊيشن سان هن سال 90 ٻار انجنئيرنگ جو ڊپلوما ڪري رهيا آهن. ٿر فائونڊيشن اسپتال 2 بلين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿي رهي آهي. ان اسپتال کي سنڌ حڪومت 50 ملين رپيا ڏئي رهي آهي. اسپتال جو پهريون بلاڪ جيڪو 82 بسترن تي مشتمل آهي فيبروري 2019ع ۾ ڪم شروع ڪندو. اهو اسپتال 250 بسترن تي مشتمل آهي، هن مهيني 20 ڊسمبر تي نئي سنهري ڳوٺ ۾ 172 ڪٽبن حڪومت پاران بڻايل گهرن ۾ منتقل ٿي ويندا. اهي 172 ڪٽنب ٿر ڪول بلاڪ ٽو کان متاثر ٿيا هئا. انهن 172 ڪٽنبن کي ٿر ڪول ۾ نوڪريون، سندن گهرن جو معاوضو، هر هڪ کي 1100 اسڪوائر ميٽر جو گهر، تعليم ۽ صحت جون سهولتون نئين ڳوٺ ۾ ڏنيون ويون آهن. 5000 ٻارن لاءِ سنڌ حڪومت ٿر فائونڊيشن ذريعي 25 اسڪول قائم ڪري رهي آهي، انهن اسڪولن تي ڪم هلندڙ آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 150 ميٽر هيٺ وڃي ڪول مائن جو جائزو ورتو، اهو ڪول مائن 180 ميٽرن تائين هيٺ آهي هن وقت تائين 150 ميٽر کوٽائي ڪئي وئي آهي، 180 ميٽر جي ڪول سيم نڪرندي، اهو ڪول پاور پلانٽ جيڪو ڪول مائن کان 2.5 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي جنهن کي بجلي بڻائڻ لاءِ سپلاءِ ڪيو ويندو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان ٿر ڪول سان چمڪڻ وارو آهي قوم تيار رهي. ٿر ڪول پاور پلانٽ جي چمني 180 ميٽر آهي. پاور پلانٽ 660 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪچن گارڊننگ واري پروجيڪٽ جو معائنو ڪيو، اهو پروجيڪٽ ملهاڻو ڳوٺ ۾ شروع ڪيو ويو آهي. انهيءَ بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مٺي اسپتال و دورو پڻ ڪيو ۽ اتي صحت جي سهولتن جي فراهمي جو جائزو ورتو ۽ اسپتال جي عملي کي مريضن جي علاج معالج جي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

وڏي وزير جي ميڊيا سان ڳالهه ٻول:

ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مون ٿر ڪول مائننگ واري ڪم جو جائزو ورتو آهي ۽ راستي ۾ اسان بي ايڇ يو جو دورو به ڪيو. ٿر ڪول رٿا پنهنجو وقت کان اڳ مڪمل ڪئي ويندي. آڪٽوبر 2019ع تائين ٿر ڪول رٿا جي مڪمل ٿيڻ جي تاريخ هئي، اسان جون 2019ع ۾ ئي ٿر ڪول رٿا مڪمل ڪئي ويندي. هن چيو ته ماڻهو يقين نه ڪندا هئا ته هتان ڪوئلو نڪرندو، هاڻ ڪوئلو نڪرندي نظر اچي رهي آهي. ڪجهه معاملا نظر آيا آهن اهي به ختم ٿي ويندا. ٻارن جا ماهر ڊاڪٽر به ٿر جي اسپتال ۾ موجود آهن بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته وڌيڪ ڊاڪٽر بدين ۽ عمرڪوٽ مان ٿر اچي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته هتي سهولتون بهتر آهن. اسان وٽ ڊاڪٽر ڪافي محنت ڪندا آهن. هن چيو ته گهٽ وزن جي ٻارن جي پيدائش ٿي رهي آهي،جنهن ڪري ٻارن فوت ٿيندا آهن. اسان ٻارن جي پيدائش کان اڳ ڳوڙهاري عورت نشاندهي ڪرڻي آهي ته جئين کين ٻار تندرست ۽ صحتمند پيدا ٿئي. هن چيو ته ٻار خوراڪ جي کوٽ ڪري فوت ناهن ٿيندا بلڪه ماءُ ڪمزو هوندي ته ٻار ڪمزو پيدا ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *