ٿر پارڪر ۾ لڳايل سولر آرو پلانٽن مان ٿر جي عوام کي صاف پاڻي سان گڏ لائيٽ ۽ زمين کي آباد ڪرڻ ۾ مدد ملندي : تاج حيدر

مٺي(رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران ٿر پارڪر ۾ لڳايل سولر آرو پلانٽن مان ٿر جي عوام کي صاف پاڻي سان گڏ لائيٽ ۽ زمين کي آباد ڪرڻ ۾ مدد ملندي اهڙن خيالن جو اظهار پي پي سينيٽر تاج حيدر مٺي ۾ لڳايل ايشيا جي وڏي ۾ وڏو سولر آرو پلانٽ ۽ ٿر ڪول ايريا جو پنجاب کان آيل سينئر صحافين جي وفد سان گڏ تفصيلي دوري ڪندي ڪيو. هن چيوته سنڌ حڪومت مستقل بنيادن تي ٿر جي عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي هن چيوته ٿر پار ڪر ضلعي جي ڳوٺن   لڳندڙ سولر آرو پلانٽن مان ٿر جي عوام کي وڏي ۾ وڏو فائدو ملي رهيو آهي هن چيوته سولر آرو پلانٽ مان پيئڻ جي صاف پاڻي سان گڏو گڏ هر ڳوٺ کي سولر ذريعي بجلي به مهيا ڪئي ويندي. جنهن جي لاءِ سولر تي چارج ٿيندڙ هڪ کان ٻه بيٽريون لڳائي ڳوٺ کي لائيٽ فراهم ڪئي ويندي. جنهن ۾ ڳوٺ جي مين چوراهين تي پول لڳائي سولر بلبن وسيلي ڳوٺن کي روشن ڪيو ويندو. ان کان سوائي هر سولر آرو پلانٽ تي 20 ايڪڙ تائين زمين کي آباد ڪري سگهجي ٿو. جنهن جي لاءِ مختلف اين جي اوز سان رابطن ۾ آهيون جنهن کي آر او پلانٽن وسيلي زمين کي آباد ڪرڻ جو پراجيڪٽ ڏئي ٿر جي عوام کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. جنهن ۾ سبزي ، اناج ۽ مال جي چاري سميت ٻيون شيون ٿر جي عوام کي گهر ويٺي ملنديون. هن وڌيڪ چيو ته هن سال ۾ 750 آر او پلانٽن جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو ۽ ايندڙ سال وڌيڪ آر او پلانٽ ڏنا ويندا هر آرو پلانٽ تي جانورن جي پاڻي پيئڻ لاءِ حوض ٺهرايا پيا وڃن جنهن سان ڳوٺ ۾ موجود جانورن کي پيئڻ جو پاڻي آساني سان ملي سگهندو. انهي بعد سنڌ اينگرو ڪول مائينگ ڪمپني، بلاڪ 2 جي دوري دوران پراجيڪٽ مينيجر نعيم آفتاب پاشا تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيوته 1.75 بلين ٽن ڪوئلي جا ذخيرا آهن هن بلاڪ مان نڪرندڙ ڪوئلي مان ٺهندڙ 4000 ميگاواٽ بجلي ايندڙ 50 سالن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي . هن وقت اسان 660 ميگاواٽ جو پاور پراجيڪٽ لگائي رهيا آهيون. 2018 جي شروعات ۾ 660 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ اسٽيشن تي موڪلي ويندي.هرڏيڍ کان ٻن سالن اندر 660 ميگاواٽ بجلي جو جو اضافو ڪيو ويندو. 6000 ايڪڙ ايراض جي زمين تي 5000 عملو مقرر ڪيو ويندو. جهن مان 3500 مقامي ٿرجي ماڻهن کي روزگار ڏنو ويندو. ان کان علاوه 1000 چين جوعملو شامل هوندو. چين جي حڪومت سنڌ ۾ ايم او يو سائن ٿي چڪو آهي. بلاڪ 2 جي پراجيڪٽ ۾ 2 بلين ڊالر خرچ ايندا جهن ۾ هڪ بلين ڊالر پاور پراجيڪٽ تي ۽ هڪ بلين ڊالر مائينگ پراجيڪٽ تي خرچ ٿيندو.هن پرجيڪٽ کي سنڌ حڪومت ۽ اينگرو گڏجي مڪمل ڪنديون. هن وڌيڪ چيوته 160 ميٽر کوٽائي ڪرڻ بعد 1.5 بلين ٽن ڪوئلو ڪڍيو ويندو. ماحول جي حوالي سان مڪمل پلان تيار آهي هن پراجيڪٽ سان ماحول تي ڪنهن به قسم جا غلط اثر نه پوندا. مقامي ماڻهن کان خريد ڪيل زمين 4000 ايڪڙ زمين مان ڪجهه کي معاوضو ڏئي چڪا آهون رهيل رقم پڻ ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *