ٿر لاءِ هڪ هزار ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ ۽ ڊسپينسرن جون پگهارون جاري ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سيد قائم علي شاهه ٿر لاءِ هڪ هزار ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ ۽ ڊسپينسرين تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي پگهارون جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٿر لاءِ هڪ هزار ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ ۽ ڊسپينسرين تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي پگهارون جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿر صورتحال بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صحت واري وزير ۽ سيڪريٽري پاران بريفنگ ڏني وئي. صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر بريفنگ ڏيندي چيو ته ٿر جي 6 تعلقن ۾ 170 ڊسپينسرين کي فعال ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڊسپينسرين تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي هن وقت تائين پگهارون ناهن ملي سگهيون، جنهن سبب ملازم ڏکيائن کي منهن ڏين پيا. اجلاس دوران وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران نيوٽريشن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪر پروگرام جي ڪاڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه صحت واري وزير کي هدايت ڪندي چيو ته ٿر ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر پروگرام تي خاص ڌيو ڏنو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *