ٿر جي ڪوئلي مان 100 سالن جون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيو: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (بيورو) صدر ممنون حسين چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ اهم ڪاميابيون ماڻيون آهن، پاڪستان وسيلن سان مالامال آهي، ٿر جي ڪوئلي مان 100 سالن جون ضرورتو

ن پوريون ڪري سگهجن ٿيون. اسلام آباد ۾ سيڙپڪاري بابت تقريب کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، سيڙپڪار اقتصادي زون مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. هـُن چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي سبب ملڪي جي معيشت بري طرح متاثر ٿي هئي پر آپريشن ضرب عضب کانپوءِ نه رڳو ملڪي معيشت بهتر ٿي آهي پر امن امان جي صورتحال ۾ به بهتري آئي آهي. صدر چيو ته توانائي ۽ معيشت جي بهتري ۽ دهشتگردي جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي. صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، ٿر جي ڪوئلي مان 100 سالن جون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن  ٿيون. صدر وڌيڪ چيو ته اقتصادي راهداري منصوبي کي انتهائي اهميت حاصل آهي، جنهن سان نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ ترقي ايندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *