ٿر جو معاملو انتهائي سنجيده آهي، مخالف ڌر پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪري: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)) اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٿر جو معاملو تمام گهڻو سنجيده آهي، مخالف ڌر جماعتون ان تي پوائنٽ اسڪورننگ ڪري رهيون آهن. اسان هن ايوان جي سمورن ميمبرن کي دعوت ڏيون ٿا ته هو پاڻ هلي ڏسن ته حڪومت ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا آهن. پيپلز پارٽي جي حڪومت جي احتساب جي ڳالهه ڪندڙ ماضي ۾ انهن جي حڪومتن جو احتساب ڇو نٿو ڪيو وڃي، جن ٿر لاءِ ڪجهه نه ڪيو. گذريل 6 سالن دوران پي پي پي جي حڪومت ٿرپارڪر لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو آهي گذريل 60 سالن ۾ ناهي ٿيو. هو اڱاري تي سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهر يار مهر پاران پيش ڪيل قرارداد تي ڳالهائي رهيو هو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٿر جو معاملو تمام گهڻو سنجيده آهي. مخالف پوائنٽ اسڪورننگ جي ڪوشش به ڪئي. ٿرپارڪر جي تاريخ تي نظر وجهڻ گهرجي. هن چيو ته ٻهراڙين ۾ پکڙيل آباديون هونديون آهن. انهن کي سهولتن جي فراهمي تمام گهڻي مشمل هوندي آهي. ٿر انتهائي پوئتي پيل علائقو آهي، ان جا مسئلا شهرن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻا آهن. پکڙيل آبادي ۾ سموريون سهولتون پهچائڻ گهڻو مشڪل آهي. هن چيو ته ٿرپارڪر ۾ تمام گهڻا مسئلا آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت گذريل 6 سالن دوران ڇا ڪيو ان جو احتساب ٿيڻ گهرجي. تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪم پ پ حڪومت ۾ ٿيا آهن. ان دوران 400 ڪلوميٽر رستا تعمير ٿيا، بجلي جي ڪنيڪشن پوئين سال ۾ جيترا ڏنا ويا پوري تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن نه ڏنا ويا. هن چيو ته ٿرپارڪر جي ماڻهن جي معاشي حالت بدلڻ جي بنياد محترمه بينظير ڀٽو شهيد وڌي. ٿر ۽ ڪيٽي بندر ۾ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جا معاهدا ڪيا جيڪي ميان نواز شريف اچي منسوخ ڪري ڇڏيا. اسان جي حڪومت ٻيهر اچي اها ئي مشق ڪندي. مقصد اهو هو ته ڪوئلي مان بجلي ٺاهي  وڃي ۽ 200 سالن تائين برآمد ڪري سگهجي. ان سان ماڻهن کي روزگار ملي ها ۽ انهن جي معاشي حالتون بدلجي وڃن ٿا. هن چيو ته اسان جي حڪومت آر او پلانٽس لڳايا. پي پي ٻه ڪم ڪيا جيڪي گذريل 50 سالن ۾ ٿر ۾ ناهن ٿيا. بينظير انڪم سپورٽ جا سڀ کان وڌيڪ ڪارڊ ضلعي ٿرپارڪر کي ڏنا ويا. جيڪڏهن حڪومت ٿر جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ سنجيده نه هجي ها ته اتي تاريخي ترقياتي ڪم نه ٿين ها. 2013 جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ٿرپارڪر جي ڇهن مان 5 سيٽون کٽيون آهن. هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ اڄ به ٿر ۾ آهي. اسان ڇهه سالن جي احتساب لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اسان سڀني ميمبرن کي دعوت ڏيون ٿا ته هو پاڻ هلي ڏسن ته حڪومت ڪهڙا ڪم ڪيا آهن. جيڪڏهن اسان جي ڪٿي غفلت نظر آئي ته هو اسان جو احتساب ڪن. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سرحدي شهر ننگرپارڪر کي پاڻي جي پائيپ لائين فراهم ڪئي پئي وڃي. صرف پيپلز پارٽي جو احتساب ٿئي ٿو. ماضي ۾ انهن جي حڪومت جو احتساب ڇو نه ٿئي، جن ٿر لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. اسان ٽن سالن تائين مسلسل ٿر ڊيزرٽ سفاري جو انعقاد ڪيو ته جيئن ٿر کي ترقي ملي. هن چيو ته ڪڻڪ جي ٻورين ۾ مٽي ملائيندڙ آفيسرن کي نه صرف معطل ڪيو بلڪ انهن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مسئلا آهن مسئلا صرف ٿر ۾ يا سنڌ ۾ ناهن بلڪ پوري پاڪستان ۾ آهن. فيصل آباد جي هڪ اسپتال ۾ سهولتون نه ملڻ سان 2013 ۾ هڪ هزار ٻار مري ويا، اها به افسوس ناڪ ڳالهه آهي سرڪاري اسپتالن جي حالت بهتر ناهي. اسان کي حالتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪي اسان سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهين ٿا اسان انهن کي ڀيلڪار چئون ٿا. گذريل 6 سالن ۾ پيپلز پارٽي ٿر لاءِ اهو ڪجهه ڪيو آهي، جيڪو گذريل 60 سالن ۾ ناهي ٿيو. وزيراعظم ٿر لاءِ جنهن امدادي رقم جو اعلان ڪيو هو اها اڃان تائين پوري رقم ناهي ملي. هن ڀيري وفاقي حڪومت ٿر جي مسئلي تي ڪجهه به ناهي ڪيو. هن چيو ته اسان جا نمائندا اڄ به ٿر جي ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهن. فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي هو ڪنهن کي ووٽ ڏين ٿا. اها به ماڻهن کي خبر پئجي ويندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *