
اسلام ڪوٽ (اسپورٽس نيوز) ٿر جون 2 شاگردياڻيون فٽ بال جي راند ۾ سنڌ اندر پاڻ مڃائڻ بعد پرڏيهه ۾ به ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ سنبري پيون آهن. جمنا ۽ ديوي چين ۾ ٿيندڙ عالمي فٽ بال ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ لاءِ تياري ڪري ورتي آهي. ڳوٺ جيئند درس جون رهواسين 2 شاگردياڻيون 12 ورهين جي ديوي ۽ ڳوٺ ابن جو تڙ جي رهواسڻ نينگري 10 سالن جي جمنا نه رڳو ٿر پر سنڌ لاءِ هڪ مثال بڻجي ويون. غريب پورهيتن جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻئي نينگريون پنهنجي ٽئلينٽ جي بنياد تي ڪاميابي جا ڏاڪا چُمي رهيون آهن ۽ مٿن نه رڳو والدين ۽ ٿر جا ماڻهو، پر سموري سنڌ جا ماڻهو به فخر محسوس ڪري رهيا آهن. ٻنهي نينگرين آل سنڌ فٽ بال ٽورنامينٽ دوران مختلف ٽيمن سان مقابلن ۾ حصو ورتو، جنهن دوران هُنن بهترين راند کيڏي پاڻ مڃايو ۽ اُنهي بنياد تي چين ۾ ٿيندڙ فٽ بال ٽورنامينٽ ۾ ٻنهي نينگرين کي چونڊيو ويو. نينگري جمنا ۽ ديوي ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ لاءِ 8 آگسٽ تي چين روانيون ٿينديون. فٽ بال ٽورنامينٽ جون مئچز چين جي صوبي ڪنگ دائو ۾ ٿينديون ۽ سندن سمورو خرچ ٿر فائونڊيشن طرفان ادا ڪيو ويندو.