ٿر جون حالتون رحم جوڳيون ٿي ويون، وڌيڪ 4 ٻارڙن دم ڏنو، بند پيل آر او پلانٽس نه کليا، پئيڻ جو پاڻي اڻلڀ

ٿرپارڪر(ربورٽ سجاول بجير)ٿر جون حالتون رحم جوڳيون،وڌيڪ چئن ٻارڙن دم ڏنو،بند پيل آر او پلانٽس نه کليا، خبرموجب:ٿر جون ڏڪاري حالتون سنگين ٿي ويو،وڌيڪ چار ٻارڙا فوت ٿي ويا،سول اسپتال مٺي سميت ڏاهلي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ چار ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا،جنهن کان پوءِ هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 50 ۽ هلندڙ سال 226ٿي ويو،تازوفوت ٿيل ٻن ٻارڙن ۾ پنج مهينن جي تنيشا ڌي اشوڪ ميگهواڙ ۽ غلام مصطفي جو تازو ڄاول ٻارڙو شامل آھن ۽ ڏاھلي تعلقي جي ڳوٺ ڪيتار ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب مختلف بيمارين جو شڪار ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا،فوتي ٻارڙن ۾ نصراللہ نهڙي جو ڏينهن جو پُٽ۽ امير حسن جو ٻن ڏينهن جو معصوم ٻارڙو شامل آهن،هوڏانهن رڳو مٺي سول اسپتال سميت ضلعي جي اسپتالن ۾ 200ٻارڙا علاج ھيٺ ٻڌايا وڃن ٿا،جن کي ميل نيوٽريشن ۽ نرسري وارڊن ۾ داخل ڪيو ويو آھي،ٻئي پاسي سنڌ سرڪار جي دعوائن باوجود ٿر جي 26 سئو کان به وڌيڪ ڳوٺن تائين علاج جون سهوليتون پهچي ناهن سگهيون ۽ علاج جو سهولتون رڳو ضلع هيڊ ڪوارٽر جي شھر مٺي جي سول اسپتال تائين محدود ٻڌايون وڃن ٿيون،جتي پڻ بجيٽ جي کوٽ جو جواز ڄاڻائي ايمبولينسز سروس بند ڪئي ويئي آھي ۽ ريفر ٿيندڙ مريضن کان ايمبولينسز جي تيل جي مد ۾ ڀاڙو اوڳاڙي شروع ڪئي ويئي آھي ۽ اسپتال ايندڙ مريضن جون ٽيسٽون توڙي دوائون کين سرڪاري ڏيڻ بدران خانگي اسٽورن تان خريد ڪرايون وڃن ٿيون جنهن ڪري ڏڪار وارين حالتن جا متاثر مريض دربدر ٿي ويا آھن،مٺي سول اسپتال کي ملندڙ بجيٽ اسپتال انتظاميا ۽ حڪومتي ڌر جا سياسي ڪرتا ڌرتا ففٽي ففٽي ڪري ڳڙڪائڻ ۾ مصروف ٻڌايا وڃن ٿا،جنهن ڪري ٿر جي ڏڪار متاثر مريضن لاءِ ايندڙ اسپتالن واري بجيٽ عوام لاءُ فائديمند ثابت ٿي نه رهي آھي،انڪري مٺي سميت ضلع جي تعلقه اسپتالن ۾ ايندڙ مريض بي يارو مددگار بڻيل آھن پر سنڌ سرڪار ان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي ڪابه زحمت نه ڪئي آھي،اهوئي سبب آھي ته ٿر ۾ ٻارڙن جي موت وارن تيزي سان وڌندڙ واقعن تي ضابطو اچي نه سگهيو آھي،ڇاڪاڻ ته روز جي بنياد تي فوت ٿيندڙ ٻارن ۾ 95 سيڪڙو ٻارن جو تعلق ٻھراڙي جي ڏورانهين ڳوٺن سان ٻڌايو وڃي ٿو،جتي سنڌ سرڪار جي علاج سميت ڪابه بنيادي سهوليت پهچي نه سگهي آھي،ٻئي پاسي ٿر ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي ويئي آهي،سمورن تعلقن جي شهرن سميت ڳوٺن ۾ قائم ڪيل آر او پلانٽس اڃا تائين بند آهن،جيڪي مشينري جي قبرستان ۾ تبديل ٿي ويا آهن،فنڊ جاري نه ٿيڻ ڪري سمورا آر او پلانٽس بند پيل آهن ساڍا چار سئو ملازم ڇهن مهينن کان پگهارن کان به محروم بڻيل آهن،

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *