ٿر تي موت جي راڪاس جا لامارا جاري، وڌيڪ 6 حياتيون ڳڙڪائي ويو

ٿرپارڪر(رپورٽر) ٿرپارڪر ۾ معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، ڏيپلي ۽ مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين جو شڪار وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا، اڄوڪي ڏينهن ۾ 6 جانيون ضايع ٿيڻ بعد هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 103 ٿي ويو آهي. ڏيپلي جي ڳوٺ جاگر لنڊ ۾ 9 مهينن جي نينگري شاهه پري لنڊ فوت فوت ٿي وئي، ڳوٺ ڳالاهو ۾ ٻن ڏينهن جي نينگري ثمينه راهمون به زندگي جي جنگ هارائي وئي.. ڏيپلي ۾ ڳوٺاڻي سرور راهمون جو تازو ڄاول پٽ فوت ٿي ويو، جڏهن ته رحمان آباد ۾ گووند ڪولهي جو تازو ڄاول پٽ به زندگي جي جنگ هارائي ويو. مٺي جي سول اسپتال ۾ ڳوٺ نرهوڙي واسي 15 مهينن جي نينگري حميده ۽ ڳوٺ دينگاري ڏيپلو واسي نينگر رضا الله سومرو به دم ڌڻي حوالي ڪيو. اڄوڪي ڏينهن ۾ 6 معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 103 ٿي ويو آهي. 103 انساني جانيون ضايع ٿيڻ باوجود مٺي سول اسپتال سميت ٿر جي ٻين اسپتالن اندر سهولتن جي کوٽ برقرار آهي. مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلي، ننگرپارڪر ۽ ڪلوئي جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ حڪومت طرفان قائم ڪيل ڊسپينسرين ۾ عملي ۽ سهولتن جي کوٽ موجود آهي. بيمارين سبب متاثر ٿيل ٻهراڙين وارن علائقن ۾ صحت جون سهولتون فراهم نه ڪرڻ سبب گيسٽرو، ڊائريا ۽ نمونيا سميت ٻيون بيماريون تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب ٻارڙن جي فوتگين واري ڪيس ۾ ٿر اندر رليف سرگرمين جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ بابت سنڌ سرڪار کان تجويز گهري ورتي، چيف جسٽس سجاد علي شاهه چيو آهي ته حڪومت پاڻ ڪوتاهي ڪئي، ڪميشن آزاد هئڻ ضروري آهي. چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ جي بئنچ ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب ٻارڙن جي فوتگين واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پٽيشنر ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته ڇو نه ٿر ۾ رليف سرگرمين جي جائزي لاءِ آزاد ڪميشن جوڙي وڃي، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل کيس ٻڌايو ته ٿر ۾ رليف ڪميٽي موجود آهي، جنهن جو تاج حيدر سربراهه آهي. چيف جسٽس چيو ته تاج حيدر بزرگ ٿي چڪو آهي، ڇو نه ڪنهن نوجوان کي ان ڪم سان لڳايو وڃي؟ چيف جسٽس سجاد علي شاهه ايڊووڪيٽ جنرل کي چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪميشن ڪهڙن ماڻهن تي ٻڌل هجي ۽ ان وٽ ڪهڙا اختيار هئڻ گهرجن، حڪومت پاڻ ڪوتاهي ڪئي، ڪميشن جو آزاد هئڻ ضروري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *