ٿرپارڪر ۾ موت جي ورڇ جو سلسلو بند نه ٿيو، وڌيڪ 5 ٻار فوت

ٿرپارڪر(رپورٽر) سرڪار جي بدترين نااهلي سبب ٿرپارڪر ۾ موت جي ورڇ جو سلسلو بند ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي،بک ۽ بيمارين سبب 5 گل ڪومائجڻ کانپوءِ 92 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 303 ٿي ويو آهي. کينسر جي رورل هيلٿ سينٽر ۾ 15 ڏينهن جو لطيف رند ۽ ٻن ڏينهن جو ٻار فوت ٿي ويو. ننگرپارڪر جي بيسڪ هيلٿ يونٽ ۾ 4 مهينن جي انيتا ڌيءَ آکجي ٺاڪر فوت ٿي وئي. مٺي سول اسپتال ۾ پڻ 11 ڏينهن جو ٻارڙو ۽ هڪ ڏينهن جو ٻار زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺا. گذريل ڏينهن به بک ۽ بيمارين سبب ٿر ۾ پنج ٻار فوت ٿي ويا هئا. مليل انگن اکرن موجب ٿر ۾ بک، بدحالي، بيمارين ۽ علاج نه ٿيڻ سبب وڌيڪ 5 ٻارڙا فوت ٿيڻ بعد 92 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 303ٿي ويو آهي. پٺتي پيل علائقي ٿر ۾ حڪومتي اپاءَ توڙي دعوائون ڪي به نتيجا نه ڏئي سگهيون، ٿر واسين لاءِ لاڀائتيون ثابت نه ٿي سگهيون ۽ موت ورهائڻ جو سلسلو جيئن جو تيئن جاري آهي. هوڏانهن ڏڪار سبب ڏک، بک ۽ بيمارين جي گهيري هيٺ آيل وڌيڪ ڪيترائي معصوم ٻارڙا اسپتالن ۾ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *