ٿرپارڪر ۾ غذائي کوٽ سبب ڳورهاري عورت ۽ 3ٻارڙا فوت

ٿرپارڪر (اين اين آءِ) ٿرپارڪر ۾ غذائي کوٽ سبب هڪ ڳورهاري عورت ۽ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا اهڙي طرح گذريل 68 ڏينهن ۾ فوتين ٻارڙن جو انگ 240 ٿي ويو جڏهن ته 6 ڳورهاري عورتون فوت ٿي چڪيون 150 کان وڌيڪ ٻارڙا هاڻي به مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن تفصيل مطابق سول اسپتال مٺي ۾ 30ورهين جي عورت سرهي زال قاسم ويم دوران فوت ٿي ويئي جڏهن ته ان جو تازو ڄاول ٻارڙو به الله کي پيارو ٿي ويو مٺي سول اسپتال ۾ هڪ ٻيو پنجن سالن جو ٻارڙو ديدار علي ولد مشتاق فوت ٿي ويو تعلقي اسپتال اسلام ڪوٽ ۾ 6 مهينن جي ٻارڙي سميته ڌي گوتم به فوت ٿي ويئي انگن اکرن مطابق 68 ڏينهن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ 240 ٿي ويو آهي 150 کان وڌيڪ بارڙا هاڻي به مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن ٿر واسين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جن مريضن کي ريفر ڪيو وڃي انهن کي مفت ايمبولنس سروس مهيا ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *