پ پ 40 ۽ 60 واري فارمولي تي عمل ڪري سنڌين جي فٽن تي لوڻ ٻرڪيندي رهي آهي: قادر مگسي

هنڱورجا (نمائندو)  سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سيد قائم علي شاهه نالي جو وزيراعلي آهي باقي سنڌ حڪومت کي ٻي هلائي رهيا آهن کيس جي ڪراچي جي ايس ايڇ او به نٿو ٻڌي ته وفاق ڪيڏانهن ٻڌندو. پ پ وارا سنڌ جي خلاف ٿيندڙ هر سازش ۾ برابر جا شريڪ رهيا آهن اهوئي سبب آهي جو سينيٽ جي چونڊ ۾ ووٽن جي لالچ ۾ايم ڪيو ايم کي ٻيهر حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي. پ پ 40 ۽ 60 واري فارمولي تي عمل ڪري سنڌين جي فٽن تي لوڻ ٻرڪيندي رهي آهي. گڏيجي ۾ پ ٽ الف اڳواڻ استاد منظور حسين سومرو جي ڀاءُ ۽ هنڱورجا ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن طفيل ميمڻ جي والده جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ هڪ گهري سازش تحت دهشت گردي جو ٻج ڇٽي سنڌ ۾ دهشت گردي جا واقعا ڪرائي پرامن سنڌ کي دهشت گردن جي حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ صوفين بزرگن ۽ پرامن سنڌين جي ڌرتي آهي پر وانا ۽ وزيرستان جي ڀاڳوڙن پٺاڻن کي سنڌ ۾ آڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ سان گڏ دهشت گردي جو ٻج پوکيو پيو وڃي. هن چيو ته حيدرآباد ۾ نفرت پکيڙڻ جي لاءِ الطاف جي نالي تي يونيورسٽي قائم ڪئي پئي وڃي جنهن جو نالو هر صورت ۾ مٽائي ڇڏينداسين. هن چيو ته سنڌ جا وزير ۽ مشير هٿن ۾ ٻهارو کڻي سنڌ کي صاف سٿرو ڪرڻ لاءِ ڦوٽو سيشن ڪرائن پيا پر جيسيتائين وزير مشير پنهنجي اندر ڪرپشن کان پاڪ نه ڪندا تيسين سنڌ صاف نه ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته وزيرن مشيرن ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽ پ پ جي 7 سالن جي اقتدار واري دور ۾ سنڌ 50 سال پوئتي ڌڪجي وئي آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي زراعت کي حڪمران هٿ وٺي تباهه ۽ برباد ڪري رهيا آهن . چانورن، ڦٽين جي آبادگارن کي صحيح اگهه نه ڏنو ويو ۽ هاڻي وري ڪمند جي آبادگار به صحيح اگهه نه ملڻ جي خلاف روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آهن پر حڪومت پنهنجي ئي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڪمند جا آبادگار روڊن تي احتجاج ڪن ويا ته وري ڪڻڪ جو بحران هٿ سان پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي يوڪرين مان ڪڻڪ گهرائي سنڌ ۾ ٻيهر ڪڻڪ جو بحران ڪري ڪڻڪ جي آبادگارن کي به تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي اغوا ڪري انهن جي مٿان وحشياڻو تشدد ڪري انهن جا چچريل لاش موڪلي سنڌ ۾ بلوچستان جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڊاڪٽر قادر مگسي سان گڏ نصرت چنو، ڊاڪٽر ذاڪر سولنگي، بهلول سولنگي، فقير همٿ سولنگي، شفقت مهيسر ۽ ٻيا گڏ هيا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *