پ پ ۾ ڪابه ڌڙا بندي ناهي، امين فهيم صدر ۽ آءُ وڏو وزير آهيان: قائم علي شاهه

شهيدبينظيرآباد (ڊ.ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ اڄ هتي روهڙي ڪئنال تي واقع چنيسر ريگيوليٽر تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ صوبي ۾ ڪمند جو اگهھ مقرر ڪرڻ بابت هڪ ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي پر سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪمند جي اگهھ مقرر ڪرڻ واري  سنڌ هائي ڪورٽ جي موجوده فيصلي تحت في الحال ڪمند جو سرڪاري اگهھ  182 روپيه مقرر ڪيو آهي جئين سپريم ڪورٽ طرفان ڪيس جو فيصلو آيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت اگھه مقرر ڪيو ويندو . هي ڳالھ هن اڄ نواب شاھ جي ويجهو روهڙي ڪينال جي لائيننگ جي پائليٽ پروجيڪٽ جو افتتاح ڪندي  ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير اطلاعات کاتو شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير خزانه سيد مراد علي شاھ، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، سيد فصيح احمد شاھ ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن کان علاوه سيڪريٽري سيد ظهير حيدر شاھ ۽ واسطيدار عملدار موجود هئا. هن چيو ته سنڌ صوبي ۾ ڪمند جو اگهھ پنجاب جي ڪمند جي اگھ کان وڌيڪ آهي. ايم ڪيو ايم پاران حڪومت ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياست ۾ ڪابه ڳالهھ حرف آخر نه هوندي آهي ۽ جيڪڏهن ان سلسلي ۾ ڪا ڳالھ ٻولھ ٿي آهي ته کيس ان بابت هن وقت خبر نه آهي. پڇيل هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي صوبي ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ الطاف حسين يونيورسٽي حيدرآباد کي تمام مهانگي زمين ڏني آهي ته جئين صوبي ۾ تعليم کي هٿي وٺرائي سگهجي هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ تعليم جي فروغ ۽ بهتري ۾ گهري دلچسپي وٺي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ ڏينهن اندر سنڌ اسيمبلي ۾ 4 قانون پاس ڪيا ويا آهن هن چيو ته پارٽي ۾ ڪابه ڌڙا بندي نه آهي ۽ پارٽي پنهنجي قيادت ۾ مضبوط آهي هن چيو ته سنڌ ۾ کنڊ جي اگھه تي ضابطي لاءِ پرائيس ڪنٽرول ايڪٽ موجود آهي جنهن تحت کنڊ تي ناجائز منافعو وٺندڙن خلاف قانوني قدم کنيو ويندو ۽ اسان ان کان غافل نه آهيون ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ چيو ته پارٽي ڪو چئيرمين جناب آصف علي زرداري جي هدايتن تحت روهڙي ڪينال تي چنيسر ريگيولٽر کان سڪرنڊ ريگيوليٽر تائين پائليٽ پروجيڪٽ تحت ٿيندڙ ترقياتي ڪمن سبب 194 ڪيوبڪ فٽ پاڻي جي بچت ٿيندي جنهن سان ٻنهي پاسن جي  65 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ بنجر زمين کي پاڻي ملندو ۽ اها آباد ٿيندي جڏهن ته 2500 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين قابل ڪاشت ٿيندي. هن ٻڌايو ته مذڪوره پروجيڪٽ تي 3.44 بلين روپيه  لاڳت ايندي. هن چيو ته مذڪوره پروجيڪٽ 10 جنوري 2015 کان شروع ڪيو ويو جيڪو 31 جنوري 2015 ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته مذڪوره پروجيڪٽ تحت روهڙي ڪينال جي آر ڊي 616 کان آر ڊي 647 تائين لائيننگ ڪئي پئي وڃي جنهن سان سم ۽ ڪلر جو خاتمو ايندو. هن چيو ته آبادگارن کي واڌو پاڻي ملڻ سان فصلن جي پيداوار وڌندي جنهن سان سنڌ ۾ خوشحالي ايندي. هن چيو ته جئين ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ان جي ڪري ئي اتي ڏڪار ڇانيل آهي پر سنڌ حڪومت ٿرپارڪر ضلعي ۾ پنهنجي وس آهر خدمت ڪري رهي آهي هن چيو ته هن سال سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿو آهي ۽ اميد آهي ته هن سال سنڌ حڪومت ڪڻڪ ٻاهر موڪلي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جي حيثيت ۾ آهي. هن چيو ته صوبي جي آبادگارن ۽ زميندارن کي هن سال مختلف فصلن جي بمپر پيداوار سبب فائدو ٿيو آهي ۽ مذڪوره منصوبي سبب ڀرپاسي جي زميندارن ۽ آبادگارن کي اڳ کان وڌيڪ فائدو ٿيندو هن چيو ته ماهرن پاران ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته تمام جلد لائيننگ جو ڪم اڃان به وڌايو ويندو ته 1200 ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي جي بچت ٿيندي جنهن سان ٻيون بنجر ٿيل زمينون آباد ٿينديون ۽ اها شڪايت ختم ٿيندي ته صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ آهي هن چيو ته مذڪوره منصوبي جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ آهي.  هن چيو هن منصوبي کي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٽيل جي آبادگارن جي زرعي پاڻي جي کوٽ جي شڪايت هميشه جي لاءِ ختم ٿي ويندي. هن چيو ته موجوده حڪومت پارٽي جي ڪو چئيرمين آصف علي زرداري جي هدايت تي اهڙا تمام منصوبا جنهن ۾ آبادگارن ۽ عام ماڻهن کي فائدو پهچي شروع ڪيا آهن ۽ هي پائليٽ پروجيڪٽ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. ان کان اڳ منصوبي جي چيف انجنئير جنيد احمد ميمڻ وڏي وزير کي منصوبي بابت تفصيلي آگاهي ڏني ان موقعي تي وزيراعلى سنڌ سيد قائم علي شاھ پريس ڪلب نواب شاھ لاءِ 5 لک روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *