پ پ ۽ ن ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر مولانا سان جُٺ ڪري ڇڏي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پ پ ۽ ن ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر مولانا سان جُٺ ڪري ڇڏي. اپوزيشن جماعتن جي اي پي سي بابت سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اجلاس اپوزيشن جي ”اچو پاڻ ۾ سياست ڪيون“ جي نئين قسط آهي، پ پ ۽ ن ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر مولانا سان جُٺ ڪري ڇڏي، اي پي سي شهباز شريف جي چيلهه جي سور ۽ بلاول جي تنظيمي دوري جي ور چڙهي وئي. هن چيو ته هڪٻئي سان سچ نه ڳالهائيندڙ قوم سان سچ ڪيئن ٿا ڳالهائي سگهن؟ حضرت مولانا جي اينڊا ۽ پئسو بچايو پارٽين جي ايجنڊا ڪجهه ٻي آهي. فردوس عاشق اعواڻ مولانا فضل الرحمان کي صلاح ڏني ته  مولانا صاحب کوٽا سڪا هلڻ وارا نه آهن انهن کي ڇڏيو  ۽ مظلوم ڪشميرين جي حق ۾ آواز بلند ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *