پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ اختلاف بلدياتي نظام ۾ ترميمن تي ٿيا: ذريعا

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ ۾ بلدياتي نظام ۾ ترميمن جي معاملن تي پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم اختلاف پيدا ڪيا جنهن جي ڪري گذريل هڪ مهيني کان ٻنهي جماعتن ۾ بيان بازي ٿي رهي هئي ان دوران ڊاڪٽر عشرت العباد خان ۽ رحمان ملڪ ڪوشش ڪئي پر معاملا حل نه ٿي سگهيا ذريعن موجب ايم ڪيو ايم کي شڪايتون هيون ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ بلدياتي نظام جي معاملي تي پنهنجي مرضي موجب ترميمون ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ايم ڪيو ايم جي تجويزن ۽ سفارشن تي غور نٿو ڪيو وڃيڪراچي آپريشن دوران ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بنا جواز گرفتارين تي به سنڌ حڪومت ڪوئي تعاون ناهي ڪيو جڏهن ته سرڪاري نوڪرين تي به شهري علائقن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ بلدياتي ادارن ۾ اختيارن جي جنگ ۽ فنڊ جاري ٿيڻ جو معاملو به اختلافن جو سبب بڻيل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جو وفاقي حڪومت سان ورڪنگ رليشن شپ بهتر آهي ۽ ٻنهي ۾ اڄڪلهه بهترين رابطا آهن وفاق پاران ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ويئي آهي جڏهن ته پيپلزپارٽي پاران ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ فعال رابطا ناهن ڪيا ويا اختلاف ختم ٿيڻ بدران بيان بازي جو سلسلو هلندو رهيو ان دوران ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن پاران الطاف حسين جي خلاف بلاول ڀٽو جي بيانن تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو ويو هو پارٽي قيادت تي دٻاءُ هو ته سنڌ حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو وڃي بيان بازي نه روڪڻ ۽ مختلف اشوز تي معاملا حل نه ٿيڻ جي ڪري ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت کان الڳ ٿيڻ جوا علان ڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم تازو ئي نون انتظامي يونٽن جي معاملن تي عوام سان رابطا ڪري رهي آهي جڏهن ته پيپلزپارٽي جي قيادت ان معاملي جي سخت خلاف اهي ايم ڪيو ايم هاڻي انتظامي يونٽن جي معاملي کي قانوني طريقي سان حل ڪرائڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد تيز ڪندي هوڏانهن پيپلزپارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جي قيادت اسان جي قيادت جي خلاف پهرين بيان بازي جو سلسلو شروع ڪيو رابطن جي باوجود ايم ڪيو ايم خود سنڌ حڪومت کان الڳ ٿي پيپلزپارٽي جي ڪوشش آهي ته هاڻي به معاملو ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪيو وڃي ان حوالي سان جلد رابطن جو آغاز ڪيو ويندو پيپلزپارٽي ذريعن جوچوڻ آهي ته هاڻي ايم ڪيو ايم پنهنجي سياسي حڪمت عملي مهاجرن جا مسئلا حل ڪرائڻ طرف جوڙي رهي آهي ايم ڪيو ايم جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ڪابينه ۾ شامل انهن جي وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص معاونين کي اختيار حاصل نه هئا واضح رهي ته سڄي صورتحال مان ثابت ٿي ويو آهي ته ايم ڪيو ايم الڳ صوبو ٺاهڻ جي ناپاڪ ڪوشش ۾ مصروف آهي پر پاڪستان پيپلزپارٽي جا اڳواڻ انهيءَ ڳالهه تي پنهنجي عوام کان لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن تنهنڪري پاڪستان پيپلزپارٽي کي عوام آڏو پنهنجو چٽو موقف پيش ڪرڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *